سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ سمورا آفيسر چور آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس راشده اسد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شانتي نگر ڪچي آبادي ۾ اوچين عمارتن جي اڏاوت ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ڊي جي ايس بي سي اي کي 24 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي .عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ڪچي آبادي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي ڊي جي ايس بي سي اي اچي عدالت کي ٻڌائي، جسٽس حسن اظهر رضوي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪهڙي ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، هنن جا نالا، عهدي ۽ ڪارروائي جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي .ايس بي سي اي جو ڪم ڪجهه به نه آهي يا وري راوي چين آهي، ايس بي سي اي ۾ سمورا آفيسر چور آهن، رمضان ايندو آهي ته سڀ عمري تي هلايا ويندا آهن، درخواستگذار ظاهر حسين شيخ ايدووڪيٽ چيو ته اسان ڪيس 2019ع ۾ داخل ڪيو آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڊي جي ايس بي سي اي جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.