لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل اڳوڻي ايف آءِ اي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان جي لاڏاڻي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز گل چيو ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، ان ملڪ ۾ ماڻهن کي ائين کي قتل ڪيو ويندو آهي.
یہ کوئی نئی بات نہیں۔اسی طرح سے قتل کیا جاتا ہے لوگوں کو اس ملک میں۔میری خبر کار ایکسیڈنٹ کی آنی تھی جیسے ان کی ہارٹ اٹیک کی آئی ہے۔سب کچھ اتنا اچھا مینیج کیا جاتا ہے جیسے کہ واقعی کوئی اتفاقی حادثہ ہو۔ یہ اتفاقی حادثہ نہیںُ۔ملک میں ایک ساتھ اتنے اتفاقی حادثے نہیں قتل ہو رہے ہیں pic.twitter.com/BVzSKQhTPk
— Dr. Shahbaz GiLL (@SHABAZGIL) May 9, 2022
هن چيو ته منهنجي خبر ڪار حادثي جي آئي هئي، جيئن ان جي هارٽ اٽيڪ جي آئي آهي، سڀ ڪجهه ائين مينيج ڪيو ويندو آهي ڄڻ واقعي ڪو اتفاقي حادثو آهي پر ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ايترا حادثا نه قتل ٿي رهيا آهن.
واضح رهي ته ڊاڪٽر رضوان کي دل جي تڪليف سبب لاهور جي سروسز اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.