پاڪستان ۾ رائٽسٽ ۽ فاشسٽ سياستدان

سنڌيڪار: طفيل مگسي

پاڪستان هڪ ترقي پذير ڪيپيلسٽ ملڪ آھي ۽ هر ڪيپيلسٽ ملڪ دولت مندن جي سبب کان وقت بحران ۾ گهيريل هوندو آھي.دولت مندن جي پارلياماني سياست کي“جهموري سياست“سڏيو ويندو آھي ۽ انهيءَ سياست جي نتيجي ۾ پاڪستان جو هن وقت اقتدار شھباز شريف( جنهن تي اقتدار واري ڏينهن فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو) زرداري( جنهن تي ڪرپشن جا هزارين ڪيس داخل آھن) فضل الرحمان( جيڪو سدائين اقتدار جي بک جو ماريل) ۽ اختر مينگل جي هٿ ۾ آھي.جڏھن ته ٿورو اڳ اهو هائبرد نظام گهوڙين   تي بيٺل عمران خان جي هٿ ۾ ھو.

اها سياست اصل ۾ رائٽسٽ پارٽي جي پنهنجي وچ ۾ هوندي آھي.هڪ پاسي گهٽ رائٽسٽ پارٽي هوندي آھي ته ٻئي پاسي“وڌيڪ رائٽسٽ“ يا هڪ“گهٽ رائٽسٽ“پارٽي هوندي آھي.۽ ٻئي پاسي “وڌيڪ فاشسٽ“پارٽي هوندي آھي.

فاشزم اصل ۾ سموري معاشري جي رت ۾ شامل ٿي ويو آھي.عوام فاشزم.کي پسند ڪن ٿا.اهي فاشسٽن جي پرورش ڪن ٿا .انهن کي پنهنجو حڪمران بڻائين ٿا. ۽ ان ريت پنهنجي اندر موجود فاشزم جي پرچار ڪندا وڃن ٿا.ڇوته ان رائٽسٽ سياست جو ڳڙھ پنجاب ۾ آھي.ان ڪري اهو ڦڏو به اتي هر وقت سجايل رهندو آھي.

جنهن زماني ۾ نيب يا پيپلز پارٽي زنده هيون ته پنجاب جي“گهٽ رائٽسٽ“ ۽ “ وڌيڪ رائٽسٽ“ گڏجي ڪري هڪ وڏي ۽ ڊگهي ويڙھ  ۽ رتوڇاڻ کانپوءِ  انهن ٻنهي پارٽين جي مڪمل تباهي ڪري ڇڏي ۽ انهيءَ سڄي ملڪ تي رائٽسٽ ۽ فاشسٽن جي حڪمراني پڪي ٿي وئي.جنهن کانپوءِ  مختلف نالن سان پارٽيون ٺاھيون ۽ ائين اهي پاڻ ۾ مقابلو ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ ۾ ئي چونڊون ڪرڻ لڳا.

انهيءَ نظام سان گڏ پنهنجي زماني جي سڀ کان وڏي رائٽسٽ ۽ فاشسٽ ضياءُ الحق “وڌيڪ فاشسٽ“ ۽ “وڏي رائٽسٽ “پارٽي يعني مسلم ليگ نواز شريف جي پرورش ڪئي.۽ ان کي اقتدار ڏئي ڪري پنهنجي فڪر جي زهريلي حڪمراني کي يقيني بڻايو.پوءِ  جڏھن اها مسلم ليگ نون اقتدار جي دوران رياستي.سياسي ۽ پرڏيهي مجبورين جي سبب ٿوري به  ٿيڻ لڳي ته “وڌيڪ رائٽس “ان جي به مخالفت ڪري ڇڏي.بيوروڪريسي.فوج .پروفيسر .صحافي  ۽ جج مقصد ته سڀ رائٽسٽ ھڪ ٿي ويا.جلسي گاهه کان وٺي ڪري بيرڪ ۽ درٻار تائين سمورا فاشسٽ ھڪ ٿي ويا ۽ مسلم نون کي مار پوڻ لڳي.ڏھن يارهن سالن جي لاءِ  هن کي اقتدار کان بيدخل ڪيو ويو.۽ انهيءَ جي جاء تي اها ٻي“وڏي رائٽسٽ“چوڌري شجاعت حسين ۽ عمران خان جي ڪلهي تي پرويز مشرف کي ويهاري ڪري پنهنجي نظام کي زندهه رکيو ويو.ان کانپوءِ  اهي هڪ ڀيرو وري مليا ۽ چئن سالن تائين انهيءَ نواز شريف جي پٺيان موجود رهي ڪري فاشزم کي مسلط ڪري رکيو.ان دوران رائٽسٽ خوب پليا نپيا .انهن جو پروگرام پرائمري اسڪول کان وٺي ڪري پرڏيهي مامرن تائين ائين هلندو رهيو.

ان وچ ۾ هڪ ٻيئي گهوڙي کي نوان سنجه وجهي ڪري تيار ڪيو پئي ويو يعني هن ڀيري فاشسٽن ۽ رائٽسٽن جي گڏيل محاذ ڪرڪيٽ جي مشھور رانديگر کي اڳتي ڪري ڇڏيو ۽ نواز ليگ جو تختو اونڌي ڪرڻ جون تياريون ٿيڻ لڳيون .تحريڪ لبيڪ بيهاري وئي .هن جي هٿان نواز شريف تي جوتو ڦٽو ڪيو ويو.احسن اقبال کي گولي هنئي وئي ۽ ٻين چار وڏن وزيرن کي“ڪافر“قرار ڏنو ويو ۽ ائين اقتدار عمران خان کي ڏئي ڪري اختيار معمول مطابق پاڻ وٽ رکيائون.

جيئن چيو ويو ته انهن جي جدوجهد“جهموري پارلياماني“سياست اصل ۾ بورزوا سياست هوندي آھي.جنهن کي پاور پاليٽيڪس به سڏين ٿا.جتيوڻيڪ اها رائٽسٽ آئين.قانون.اصول اخلاقيات جي نالي ڪئي وڃي ٿي.پر اصل ۾ اهي سموريون ڳالهيون اتي هونديون  ئي ناهن.پاور پاليٽيڪس ۾ ته استادي هلندي آھي.مڪر.فريب.گارگند.بيوفائي.بي قولي هوندي آھي.اسان سڀني کي اهو پتو آھي ته طبقاتي نظام ۾ هر شيءَ وڪجي ٿي ته ووٽ به وڪرو ٿيندو.جڏھن سماج دوکي تي بيٺو هجي. ته اسيمبلي ۾ به دوکي بازي ٿيندي.ڄاڻي ڇڏيو ته طبقاتي نظام حقيقي جهوريت وجود ئي نٿي رکي.

پاور پاليٽيڪس جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل هوندي آھي.پنهنجين ساٿين سان ڪوڙ.پنهنجي طبقي سان ڪوڙ.۽ عوام سان ڪوڙ ۽ اهو ڪوڙ اهي اخبارن جي ذريعي پنهنجن ٽي وي چينلن جي ذريعي ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي پکڙجندا رهن ٿا.اهي غلط انگ اکر پيش ڪن ٿا.اهي  حقيقي مامرن کان عوام جو ڌيان ھٽائيندا رهن ٿا. ۽ انهن کي بي مقصد مامرن ۾ لڳائي رکن ٿا.

ڪارپوريٽ ۽ چمڪ ڌمڪ ۾ سموري آبادي کي گرفتار رکيو وڃي ٿو.عوام کي خوبصورت نعرن جي ستي پياري تاتيو وڃي ٿو.نام.نهاد ۽ نهايت فرسوده  قسم جون تاريخي شخصيتون گهڙيون وڃن ٿيون.ٻيهر ٻيهر ورجائي ڪري انهن شخصيتن کي بنلد بڻايو وڃي ٿو.۽ پوءِ  پاڻ کي انهن فرسوده  ۽ نام نهاد شخصيتن جو سڀ کان وڏو پيروڪار بڻائي ڪري عوام الناس ۾ موجود شخصيت پرستي ۽ ھيرو پرستي جي جذبن جي پيروڪاري جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو.

جيتوڻيڪ سدائين هڪ يعني هڪ هٽلر جي تلاش ۾ پاڪستان جي عوام کي عمران خان جي شڪل ۾ هٽلر ۽ مسيوليني ميسر ڪيو ويو.اهي هينئر خوش آھن.هزارن جي انگن ۾ گڏ ٿين ٿا.ڳائين ٿا.نچن ٿا.ان جون بنا مقصد واريون تقريرون ٻڌن ٿا.پنهنجن ڳٽڙن تي ان جا اسٽيڪر هڻن ٿا۽ پنهنجو سمورو ڏک ڏور ڪري ڇڏين ٿا

ان ھٽلر عمران خان جي مقابلي ۾ فضل الرحمان جي پي ڊي ايم کي اقتدار حوالي ڪيو ويو.آھي.لطيفي جهڙي ڳالهه اها آھي ته فضل الرحمان جي پي ڊي ايم به“رائٽسٽ“ئي آھي..ان ڪري اسان سڀ ڄاڻو ٿا ته حڪومت آئي.ايم .ايف يعني عالمي سرمائيداري نظام کي ئي قائم دائم رکندي.اها به داخلي طور تي فيوڊل ازم کي برقرار رکندي.عام انسان جي زندگي واري معيار ۾ ڪا به تبديلي يا فرق نه ايندو.مهانگائي آسمان کي ڇهندي رهندي ۽ بيروزگاري ڊوڙندي رهندي.غير پيداواري خرچن ۾َ ڪا کوٽ نه ٿيندي.انساني حق ساڳئيءَ ريت لتاڙيا ويندا.پنهنجي دل ۾ لکي ڇڏيو رکو ته اهي ماڻھو به مزدور ۽ غريبن جا سڄڻ نه بلڪ دشمن ئي آھن.چاهي اهي سنڌي ڳالهائين.يا بلوجي.پشتو يا سرائيڪي .لکي رکو ته اهي ماڻھو به هر عوام دشمن قدم کي “جهموريت جو حسن“سڏيندا رهندا.

دولت مندن جي“جهموري سياست“ پنهنجي ان اڪيلي مقصد ۾ ڪامياب ناهي ته هن پنهنجي سڀ کان وڏي مخالف يعني مزدور طبقي جي سياست کي ٻاھر رکيو آھي.انهن جي ٽريڊ يونين تي باقاعده پابنديون لڳل آھن . مزدور ليڊرن کي اڀرڻ نه ڏنو ويو.مزدورن جي اتحاد کي ثڪر ٽڪر ڪيو ويو.مضبوط ۽ ويڙھاڪ يونين جي بنا مزدور ته سمجهڻ کان لاچار آھي.دولت مندن مزدورن جي لاءِ  عقل ۽ شعور جي حاصلات جا سمورا رستا بند ڪيا آھن.۽ ان ڏوھ ۾ شھٻاز.شريف.عمران خان.زرداري.فضل الرحان۽ انهن جي پٺيان سموريون قوتون شريڪ آھي( جيڪي انهن کي پتلي تماشي جيان هلائين ٿيون ۽ پتلين جي ڏور ڪنهن سگهاري قوت وٽ آھي) انهن ٻنهي جي ون پوائنٽ ايجندا اها آھي ته مزدور جي طرف کان طبقاتي سياست جو رستو روڪيو وڃي.

هر ڀيري جيان هن ڀيري به “وڌيڪ ساڄي ڌر“جي فاشسٽ يلغار ان قدر پرزور ۽ پرتاثير آھي مزدور سياست جي اڳواڻن .دانشورن.۽ ھمدردن تائين کي پنهنجي مٺ ۾ وٺي رکيو آھي.

سموري سماج کي سياسي نعرن.سازشن.ڏکين قانونن.۽ منجهيل نظرين جي ڍير ۾ دفن ڪري ڇڏيو آھي. ۽ مزدور دانشورن کي مزدور سياست جي سڃاڻپ ۽ تلاش جي اهميت کان محروم ڪيو ويو آھي.نتيجو اهو نڪتو ته انقلابي سياست جو حامي به نهايت سطحي سوچ جو فرد بڻجي ڪري رهجي ويو آھي.روشن فڪر سياست هينئر تنظيمي ۽ نظرياتي طور تي ان قدر هيٺ اچي وئي ته آھي ته  اها هينئر مقبول بنجڻ جي لاءِ  عوام ۾َ نٿي وڃي.بلڪ اها هوائي طرز جون  سازشون اڻي ۽ هڪ ٻئي جي خلاف قدم کڻڻ تائين محدود ٿي چڪي آھي. انقلابي سياست هينئر تنظيون ناهي ٺاهي رهيون.هن جي ڪا پاور فل  نظرياتي ترقي پسند شاگرد تنظيم ناهي. عورت ماس فرنٽ موجود ناهي روشن.فڪر.اديبن ۽ دانشورن جي تنظيم چئن پنجن ضلعن ۾ هڪ ڪاغذي تنظيم.جي صورت تائين محدود رهي آھي.انقلابي سياست جي ڪا ذڪر جي قابل اخبار.رسالو .ٽي وي چينل  ۽ سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ موجود ناهي .هن جا اسٽڊي سرڪل اجهامي چڪا آغن .هن جي انقلابي نعرن جي نڙي ويهي وئي آھي  ؛؛؛

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.