عمران خان جي ايندڙ مهم جوئي

امتياز عالم

عمران خان هن وقت پنهنجي عوامي مقبوليت جي اوج تي آهي. حڪومت جي ساڍن ٽن سالن جي بدترين ڪارڪردگيءَ  جي باوجود ان جي جلوسن ۾ ماڻهن جي شرڪت ۽ جوش خروش اڳي کان گهڻو وڌيڪ آهي. هن سان چاهيندڙن جو ميڙ مرڻ  مارڻ لاءِ تيار آهي. عمران خان جو ڪرپشن مخالف بيانيئو به ڀرپور وڪاڻو ۽ هاڻي آمريڪا مخالف سازشي بيانيئو به تمام گهڻو اثرائتو آهي. سندس وچولي طبقي جو حامي عوام مهانگائي کي وساري پنهنجي زخمي هيرو جي سڏ تي ٻيهر متحرڪ ٿي ويو آهي ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ  هي ٻيو وزير اعظم آهي جيڪو حڪومت مان نڪرڻ  جي باوجود مقبول آهي. تاشقند معاهدي جي پراسرار ”سازش“ وانگر عمران خان پنهنجي حڪومت خلاف مبينا آمريڪي ”سازش“ جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي ۽ آمريڪا مخالف جذبن کي ڀَڙڪايو آهي. تاشقند جي ”سازش“ جو راز ته راز ئي رهيو، پر عمران خان جي ”آمريڪي سازش“ واري نظريي کي هاڻي پڌرو ڪيو پيو وڃي.

پنهنجي تازي بيان ۾ پنهنجي خلاف سازش جي اصل ڪهاڻي ٻڌائيندي عمران خان انڪشاف ڪيو آهي ته اها سازش هن سال مارچ ۾ نه، پر جولاءِ 2021 ۾ جڙڻ لڳي هئي،جنهن جي بندوبست جي لاءِ هن پنهنجي پسنديده  آءِ ايس آءِ چيف جنرل فيض کي پنهنجي عهدي تي برقرار رکڻ  پئي چاهيو.ايئن چئجي ته ، جيئن ئي آءِ ايس آءِ جي ڪمانڊ  تبديلي ٿي ۽ جنهن ۾ ڪافي بد مزگي به ٿي. عمران حڪومت جي هائبرڊ ڍانچي جا بنياد  ڌُڏي پيا ۽ اسٽيبلشمينٽ جي غير جانبداري سبب عمران حڪومت پنهنجي فراهم ڪيل  اڪثريت ۽ اتحادين جي حمايتين کان محروم ٿي وئي.۽عمران خان،مير جعفر ۽ مير صادق جي ”غداري“ جي شڪايت کڻي عوام وٽ هليو ويو. چڱي خاصي، وسيع البنياد حڪومت کي ”امپورٽيڊ حڪومت“ قرار ڏيندي، هو وري ”ڪرپٽ ٽولي جي واپسي“ واري بيانيئي تي اچي ويو آهي.

هاڻي سازش جي ٻاراڻي ڪنهن کي ياد رهڻي آهي.جنهن جو وگهار  عمران خان جي نعري بازي واري سياست کي لڳي چڪو آهي. عمران خان پنهنجي حڪومت کي ويندو ڏسي پاڪستاني سفير جي سفارتي موڪل جو سٺو استعمال ڪيو .بجاءِ ان جي جو  مهانگائي کان تنگ ماڻهو سندس  حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيا هجن ها.الٽو عمران خان وڏي هوشياري سان توبن جو رخ موڙي ڇڏيو۽ عوام سازشي ٽرڪ جي بتي جي پٺيان لڳي ويو.

ٻئي طرف مخالف ڌر جيڪا روڊن تي هجي ها  (بلاول جي لانگ مارچ کانسواءِ) آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف ڊرائنگ روم جي سياست سان  عمران حڪومت کي شڪست ڏئي ڇڏي. اهڙيءَ طرح، هڪ تمام مختصر مدي واري حڪومت جي بدلي ۾، PDM ۽ پيپلز پارٽي عمران حڪومت جي ڇڏيل معاشي ۽ انتظامي بحران جي تباهيءَ جي ملبي کي کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويون.اڃان  حڪومت ٺهڻ کي ڪجهه ڏينهن ئي ٿيا آهن ته پي ٽي آءِ جا  نااهل اڳوڻا وزير به پنهنجي حڪومت جي ڇڏيل فضول انگن اکرن  جي ناڪامي ،شهباز شريف حڪومت جي مٿان مڙهڻ جي لاءِ ڪاهي پيا آهن.

مريم نواز، عمران خان جي ٽوڙ جي لاءِ ميدان ۾ ته لٿي آهي پر هاڻي هن وٽ ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جو بيانيئو آهي ۽ نه عوامي اپيل جي ڪا ايجنڊا.صرف عمران خان کي خراب چوڻ سان  توهان، پروعمران  ۽ اينٽي عمران وڇوٽي کي وڌائي رهيا آهيو.

سياست هاڻي وري ٻئي مرحلي ۾ وڃي پهتي آهي ۽ ٻنهي پاسن جا سياستدان اهڙي طرف هليا ويا آهن جو انهن کي ان جي خوفناڪ ۽ سنگين  نتيجن جو ڪو اندازو ئي ناهي. هاڻي ميانوالي واري جلسي مان ”آزادي جي تحريڪ“ (ڪنهن کان آزادي؟) جو اعلان ڪندي عمران خان نئين چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي لاءِ 20 مئي جي ڊيڊ لائن ڏني آهي، جيڪا پوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ هو اسلام آباد واپس پهچي پرُهجوم قبضي جي ڪال ڏيندو. شيخ رشيد واضح  شو شو  ڇڏيو آهي ته اسلام آباد جو ميڙاڪو بي قابو ٿي سگهي ٿو.جنهن کي عمران خان به ڪنٽرول نه ڪري سگهندو.

عاشقان ِعمران خان جا جذبا ايترا ته ڀڙڪايا ويا آهن جو راڄڌاني ۾ ڪو سنڌو سهيڙو نه ڇڏبو ۽ مٿان وري ستم اهو ته باههِ ڀڙڪائيندڙ چون پيا ته اهي باهِه تي قابو نه رکي سگهندا.ڄڻ ڪا خودڪش حملي جي تياري آهي.  هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته رياست پنهنجي راڄڌاني کي باهه لڳڻ جو انتظار ڪندي يا حادثي کي روڪڻ لاءِ حفظِ ما تقدم طور تي ڪو ايمرجنسي قدم کڻي ٿي ته جيئن حادثو ٿيڻ کان اڳي روڪيو وڃي. اهڙين غير معمولي حالتن ۾ شهباز سرڪار جي ذميواري وڌي ٿي وڃي.

* پهريون اهو ته هو ان خيال کي ڇڏي ڏئي ته کيس موجوده اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ جو مينڊيٽ حاصل آهي، جيتوڻيڪ کيس اهو آئيني ۽ پارلياماني استحقاق يقينن حاصل آهي. موجوده سياسي بحران جو واحد حل ايندڙ چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ڪرڻ آهي. ايندڙ اليڪشن کي تڪراري ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ واضح قدمن جي ضرورت پوندي. ان لاءِ نئين مردم شماري، ان جي بنياد تي نئين تڪبندين، ووٽر لسٽ جي تياري ضروري هوندي۽ چونڊ سڌارن تي سڀني پارٽين جي قومي اتفاق راءِ جي ضرورت پوندي. ظاهر آهي، انهن قدمن ۾ وقت لڳندو، جيڪو 9 کان ڏهن مهينن کان گهٽ نٿو ٿي سگهي. چونڊون نومبر ۾ ٿين يا وري ايندڙ سال  مارچ/ اپريل ۾ ٿين،ان تي تڪرار ٿي سگهي ٿو، پر هي اهڙو تڪرار ناهي جنهن تي عوامي بحث جي ضرورت پوندي. ٻيو ڪم جيڪو هن حڪومت کي ڪرڻ گهرجي سو اهو ته فوري طور تي سپريم ڪورٽ طرفان ”آمريڪي سازش“ جي انڪوائري ڪميشن قائم ڪري .جيڪا ان جي کلئي عام تحقيقات ڪري ۽ هڪ مهيني اندر عوام آڏورپورٽ  پيش ڪري ته جيئن اهو معاملو اليڪشن کي خراب نه ڪري. ٽين ڳالهه شهباز سرڪار کي  ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سندن حڪومت مختصر مدي واري، گڏيل، ڪمزور ۽ عبوري آهي. جنهن ۾ اها  فوري نوعيت وارا ڪم ڪري سگهي ٿي. اها معيشت کي سنڀالي سگهي ٿي۽ انتظامي معاملن کي بهتر ڪري سگهي ٿي، يقينن هن حڪومت کي به عوام جي حمايت لاءِ ڪي وڏا قدم کڻڻا پوندا.

ايندڙ چونڊن جي حوالي سان سمورن معاملن تي  تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ڏيڻ گهرجي . پي ٽي آءِ کي نظام مان نڪرڻ ۽نظام کي ڊاهڻ واري خودڪش سياست کان پاسو ڪرڻ   گهرجي ان لاءِ ضروري هوندو ته چونڊن جي شيڊول تي اتفاق سان گڏ ئي پي ٽي آءِ  اسيمبلين ۾ واپس اچي وڃي.ته جيئن ايندڙ چونڊون غيرتڪراري.صاف شفاف بڻائڻ جي عمل ۾ هيءَ برابر جي حصيدار بڻجي وڃي.عمران خان  کي به اهو  احساس هئڻ گهرجي ته عوامي حمايت کي حد کان وڌيڪ گرمائڻ سان سندس کنڀ پڻ سڙي سگهن ٿا.. سڀني جي بقا جو دارومدار جمهوري ۽ پارلياماني نظام جي بقا ۾ ئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.