ٽنڊي الهيار ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو رياض چانڊئي جي اڳواڻي ۾ مارچ،ڌرڻو

ٽنڊوالهيار (رپورٽ:حسرت لغاري) ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار، قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي۽ ڌرڻو،جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه جي اڳواڻي ۾ آبادگارن پاران ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال کان شاھ لطيف گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي لطيف گيٽ تي پهچڻ بعد قومپرست اڳواڻ آبادگارن سان گڏجي پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي ۾ پاڻي کوٽ ۽ سنڌ حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي۔ ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ سنڌ حڪومت پوڇڙ جي آبادگارن کي پاڻي پهچائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، بااثر زميندار منڍ ۾ پاڻي لاءِ لفٽر مشينون هڻي ويٺل آهن جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاء ايريگيشن کاتو اگهور ننڍ پيل آهي۔ هن چيو ته سنڌ ۾ زرداري زرعي زمينون آباد ڪري رهيو آهي، 22 تاريخ تي سموري سنڌ ۾ زرداري ۽ پاڻي چورن خلاف احتجاج ڪيا ويندا، هن چيو ته پنجاب پاڻي ٺاهن جي غيرقانوني طرح خلاف ورزي ڪندو آيو آھي هنن جا غيرقانوني جوڙايل چشما ڪئنال کان وٺي گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڪئنال چويھ ڪلاڪ وهن ٿاپيپلزپارٽي پنجاب مان چونڊون کٽڻ لاءِ پنجاب جي  چوري تي اقتدار کي ڊرگهو ڪرڻ لاءِخاموش آھي ڌرڻي کي  وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي ،پنھل جمالي، ممتاز آريسر ،باغي ڪالرو، ڊاڪٽر ڪي بي ٽالپر، وقار بوزدار، ھاشم بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.