سنڌڙي ڀرسان نوجوان پورهيت اغوا،15 لک ڀُنگ طلب

ميرپورخاص/سنڌڙي(صالح اوٺو+ ڪاشف علي شر) سنڌڙي لڳ ڳوٺ حسين ڪالرو جو رواسي نوجوان پورهيت ايرداس ڀيل مبينه طور اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي نوجوان جي وارثن پاران نوجوان جي بازيابي لاءِ سنڌڙي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي ان موقعي تي نوجوان جي وارثن هرچند ڀيل، بابو ڀيل ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ايسرداس پنهنجي دوست ۽ پاڙي جي رهواسي ميرحسن شر سان گڏ 3 ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي گھران ويو هو جيڪو هن وقت تائين واپس نه موٽيو آهي هنن چيو ته اڄ ايسر جي موبائيل فون تان ڪال آئي جنهن ۾ سندس اغوا ٿيڻ ۽ سندس آزادي لاءِ  15 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.