جهڏي ۾نينگريءَ جي اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو

جهڏو (ن ع آ)جهڏي ۾ 12 سالن جي نينگري جي اغوا خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.ميڊيا سينٽر آڏو نينگريءَ جي ماءُ  ماروي پنهنجي  مڙس جيسو ڪولهي سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته 9 اپريل تي سندس مڙس هنگلاج روانو ٿيو، شام ڌاري سندس ڏير موهن ۽ سئوٽ جيرام ڪولهي سندس 12 سالن جي نياڻي ڪاري ڪولهي کي بيمار ڀاءُ جي تيمارداري جو چئي ويساهه گهاتي سان گهران وٺي ويا، جنهن جو مهينو گذرڻ باوجود ڪو پتو پئجي ناهي سگهيو، شڪ آهي ته نياڻي کي جوابدارن ڪٿي وڪڻي يا ماري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هفتو اڳ جهڏو پوليس موهن ڪولهي کي گرفتار ڪيو پر ٻن ڏينهن ۾ ڪامريڊ الجي ۽ کيرو ڪولهي کيس ڇڏائي ويا. هن چيو ته مهيني کان سندس نياڻي گم آهي پر سندن ڪوبه داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن اعليٰ اختيارين کان پرزور اپيل ڪندي چيو ته سندس نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.