حيدرآباد ۾ شاگردن جو سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي شاگردن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عامر چانڊيو، امام بخش ڏاهاڻي، سجاد چانڊيو، شعيب کٽياڻ ۽ بهادر کٽياڻ ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جو هاري طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي، سنڌ جي پاڻي تي پنجاب ڌاڙو هڻي رهيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ مٺي پاڻي جي پڻ وڏي کوٽ ٿي وئي آهي، ماڻهو زهريلو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سان ھو بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ هر طرف ڪربلا لڳي پئي آهي، ايتري قدر جو جانورن کي به پيئڻ لاءِ پاڻي نه ٿو ملي، سنڌ جون زمينون پاڻي نه اچڻ ڪري بنجر ٿينديون پيون وڃن. ھنن مطالبو ڪيو تھ سنڌ کي پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي ڏئي پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.