نوابشاهه ۾ ٻيلا بچايو ڪميٽي جو ڪوٽ دڱاڻي ٻيلي کي باهه ڏئڻ واري عمل خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ ٻيلا بچايو ڪميٽي پاران ڪوٽ دڱاڻي ٻيلي کي بااثرن جي مبينا طور باهه ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪيو ويو.

زين دائود پوٽو، جان محمد ڪليار، محب جوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪوٽ دڱاڻو ٻيلو گهڻي وقت کان وٺي قبضي خورن کي اک ۾ ھو ۽ نيٺ هڪ سازش تحت ٻيلي کي باھه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،

سندن چوڻ هو ته باهه ڏيڻ سبب ٻيلي جا ڪيترائي ايڪڙ، جنگلي جيوت، اعليٰ نسل جا جانور ۽ پکي سڙي ويا، ھيڏو وڏو سانحو باوجود هن وقت تائين لاگاپيل اداري نوٽس ناھي ورتو، جيڪا سڌي سنيئن نااهلي آهي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ٻيلا سنڌ جو اثاثو آهن، ٻيلي کي باھه ڏيڻ واري واقعي قومي سانحو سمجھون ٿا، سنڌ حڪومت معاملي جو نوٽيس وٺي ڪوٽ ڌگاڻي کي باهه ڏيندڙ بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪري سميت سنڌ جي سمورن ٻيلن تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري قبضا ختم ڪرايا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.