پي ٽي آءِ جي سياست ” آئو مديني چلين“

رياض ابڙو 

سياست ۾ به ساڳيو اصول ۽ قائدو آ ته جيڪو پوکيندوَ اهو لڻندوَ، ان ڪري عوامي سياست اها به آهي ته عوام جي دل ۾ رهو انهن جي ڀلائي جا ڪم ڪيو  ۽ اهو به ضروري آ ته اندروني ۽ ٻاهرين پاليسين جي اپٽار ڪيو ته ”سياسي ڪم ڪيئن هلائجي“ يا رڳو ”سکڻي ڪني گھڻو اڀامي“ نه ڪجي، ۽ عمران خان جي ماضيءَ جي سياست جون ڪاميابيون ته سڀني ڏٺيون، ان ڪري هاڻي ڪهڙي ايجنڊا رهجي ٿي وڃينس يا ڪهڙي نعري جي سهاري، هي مئي جي آخر ۾ مارچ ڪندو يا هي بجيٽ کان اڳ ڪهڙي بليڪ ميلنگ ڪندو يا ڪري سگهندو، ان ڪري ته ماڻهن کي روڊن تي آڻڻ کان پهرين هي ڏسي ته ادارن سان ٽڪرائڻ جي ڪري هن کي ڪهڙا نتيجا ڏسڻا پوندا يا هي سمجهي ٿو ملڪ مان فرار نه ٿيڻ ئي هن جي ڪاميابي ۽ ڪامراني آ ته غلط آ، ان ڪري جو هن جي چورچور ڪرڻ واري نتيجي ۾ جي ڪورٽون، ادارا ۽ رياست شهباز کي ڪرپشن جي ڪيسن کان آجو ڪري ۽ هن جي مٿان فارين فنڊنگ، ڊسڪا جي اليڪشن جون هيراڦيريون، هن جي وزيرن جي ڪرپشن جا ڪيس جن ۾ کنڊ، اٽي، مني لانڊرنگ يا شگرملن جا ڪيس ثابت ڪري، جنهن جي لاءِ ڪورٽن هن کي پهرين ئي چتاءُ ڏنو آ ته اهي رات جو به ڪم ڪري سگهن ٿيون ته پوءِ هن جي ٻاراڻي سياست جو ڇا ٿيندو، هن جي سياست پوءِ ائين ئي دفن ٿي ويندي جئين مشرف چوندو هيو ته پي پي ۽ نون ليگ جا دور ختم ٿي ويا ۽ هاڻي ملڪ ۾ ٽيون ڀيرو ڪو به وزيراعظم نه ٿي سگهي پوءِ نوازشريف ته ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿي ڏيکاريو، پر مشرف جي پنهنجي سياست ئي دفن ٿي وئي، هاڻي به جي ائين ٿي وڃي ته هن غريب جي سياسي مستقبل جو زميوار ڪير آ يا پاڻ ويٺو ٿو پنهنجون پاڙون کوٽي.

هر ڳالھه  ۽ شيءِ جو هڪ مقرر وقت يا جاءِ هوندي آ، مثال ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺي سگهجي ٿو، نه ڪي ڪو روڊن تان يا پبلڪ گيڌرنگ ڪري وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري، جو ماڻهن کي انهن سياستدانن جي گھاٽي سرنهن ڏٺل هوندي آ، ان ڪري جيڪو ڪم (سياست) جتان ٿئي اتان ڪجي، يا جڏهن 172 ماڻهن (وزيرن) کي نه ٿو سنڀالي سگهجي ته پوءِ ملڪ ڪيئن هلائبو، سياست ڪيئن هلائبي، ان ڪري سياست جو بيس ۽ بنياد ته ڊائيلاگ آ ۽ ڪامياب ڊائيلاگ ئي سياستدانن جي مستقبل جي ضمانت آ، ان ڪري اها ڳالھه  نه ٿي ٺهي ته ڪڏهن حمايتن کي لنڊن ۾ نوازشريف جي گهر ٻاهران گڏ ڪجي، ڪڏهن انهن کي ٽويٽر تي ٽرينڊ هلائڻ جي لاءِ اڀارجي، ڪڏهن انهن کي سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ جي لاءِ ٽيڪرون ڏجن، ڪڏهن اهي پاڻ ئي سوشل ميڊيا تي يا ٽي وي تي سروي ڪري اهو ٻڌائڻ پسند فرمائين ته هاڻي عمران خان سلطنت فتح ڪري ويو آ، يا هاڻي عمران خان ملڪ کي نئون سنئون ڪري ڇڏيندو يا هاڻي عمران خان وري ملڪ کي آزاد به ڪرائيندو.

 ان ڪري پي ٽي آءِ جي اهڙن الڙَ سياستدانن کي ڪير اهو سمجهائي ته جناح جي پاڪستان کي نئين ڪرڻ کانپوءِ هي ڪهڙي آزادي جي ڳالھه  ٿو ڪري جو هاڻي اسان کان 14 آگسٽ به وسري ويندي يا ڪو نئون آزديءَ جو سج اڀرندو جنهن ۾ سڀ پاڪستاني سک جو ساھ کڻندا، ان ڪري عوام اڃان تائين هن جي نئين پاڪستان ۾ ٿو رهي انهن کي سواءِ هن ڪپتان جي ڪا ڳالھه  سمجھه ۾ نه ٿي اچي، انهن کي اها ڳالھه  به سمجهھ ۾ نه ٿي اچي مديني جي حرم ۾ نعرا هڻڻ مذهبي جرم يا بداخلاقي آ، يا جيڪي سعودي جا شهزادا پاڻ سياست ناهن ڪندا، جن وٽ ڪو جھنڊو يا ڪو بينر ناهي جن وٽ ڪا اليڪشن ناهي جن وٽ پاڻ حرفت يا چالاڪي جي ڳالھه  ناهي، انهن مذهبي پيشوائن کي هي پي ٽي آءِ وارا وڃي سياست سمجهائيندا،.

ڳالھه  ان ڪري به نندي سگهجي ٿي ۽ جيترو ان تي ڦٽڪار وجھجي اوترو گھٽ آ، ان ڪري ته سياست ڪرڻ جي جاءِ مدينو يا مڪو ناهي سياست ملڪ ۾ رهي ڪجي ته ڀلو آ، پر هي ته چورچور واري سياست مان ٻاهر نڪري ئي نه ٿو يا هي اهو ٿو سمجهي ته هاڻي به هي ڪوهاٽ، پشاور، لاهور ۽ ڪراچي واري جلسي کانپوءِ ماڻهن جي ميڙن کي ڏسي اليڪشن جو ضد ڪندو ۽ هي ڪلين سويپ ڪري ويندو، ته اهو غلط آ، پر ڪراچي جو ووٽ ڀلي خاري خراب ڪري ۽ خاري به سگهي ٿو ان ڪري ايم ڪيو ايم جي سياست مان ماڻهو بيزار لڳا ويٺا آهن انهن جو هي به چوڻ روا آهي ته ”ڏٺو پير پني مراد“ ان ڪري سياست بيساکيون، مفاهمت ۽ سياسي رواداري آ، جيئن هاڻي پي ڊي ايم وارن هڪٻئي جي ڪلهن تي چڙهي سياست ڪري ويا ۽ ڪامياب به ٿي ويا يا اها ڳالھه  به دماغ ۾ ويهارڻ ضروري آ ته بيروني طاقتن کانسواءِ ملڪي سياست نه ٿي ڪري سگهجي يا بيروني طاقتن جا ڦيراگهيرا رهندا ايندا، جيئن انهن جي طاقتن جي توازن ڦرندا تيئن اسان وٽ به اهي ڦيرا لازم ايندا ان ڪري آمريڪا مرده آباد نه ٿو چئي سگهجي يا چين زنده آباد چئي سياسي پلصراط پار نه ٿي ڪري سگهجي.

سياستدانن جي لاءِ اها غنيمت آ ته جڏهن عام ماڻهن ۽ ملازمن جو 60 يا 65 سالن کانپوءِ دماغ ڪم ناهي ڪندو (حڪومتي اصولن موجب) ته ملازم جڏهن رٽايرمينٽ جي عمر کي پڄي ته ان کي فورن رٽاير ڪيو معني اهو ملازم رٽايرمينٽ جي هڪ ڏينهن کان اڳ ڪم جو هوندو آ پر جڏهن هڪ ڏينهن ٽپي هليس ته آفيس مان يا اداري مان ٽپڙ کڻائيندس، پر سياستدانن جي لاءِ وڏي ڳالھه  اها به آهي ته جيستائين هو بسترمرگ تي نه پڄن، جيستائين انهن جي رڳن ۾ ساھ باقي هجي اهي ايوانن ۾ ويهي سگهن ٿا، اهي قانونساز اسيمبليون هلائي سگهن ٿا، توڻي جو قانون جا شارح (جج ۽ وڪيل به ان عمر ۾ رٽائر ٿي ٿا وڃن) پر سياستدان جڏهن گهر ۾ به ڪنهن ڪم جو نه ٿو هجي ته به اهو ملڪي سياسي واڳون سنڀالي سگهي ٿو ڇو ته ملازمت ۾ ڀلي دماغ ڪم نه ڪريس پر سياست ڪري ويندو، ملازمت جي ڪرسي نه سنڀالي سگهي پر ملڪي ڪرسي جي لاءِ پوءِ به اهل هوندو، ان ڪري سياستدانن جي لاءِ به عمر جي حد هجي توڻي جو اهي اڻپڙهيل يا معمولي پڙهيل به وزير مشير ٿي سگهن ٿا، توڻي جو اهي پاڻ به مڃن ته انهن کي حڪومتي فارسي سمجھه ۾ نه ٿي اچي يا قانون ۽ آئين به پنهنجي ضد ۽ انا ۾ ڊاهي ٿا رکن يا ايوان کي به کلواڙ ڪري ٿا ويهن يا تهذيب ۽ تمدن پنهنجي جاءِ تي، اهي اخلاقيات کان به وانجهيل ماڻهو ايوان ۾ ويهي ٿا رهن، پوءِ عام ماڻهو ته اهڙن سياستدان جي ڊُگڊُگي تي نچڻ وارو آ، رڳو جهمريون، روڊن تي ناچ، رڳو رئونشو، رڳو نفرت ۽ تخريبي سياست، ٻيو ڪجهھ به نه.

اڃان عمران خان ان ضد ۽ هوڏ تي قائم آ ته ”ليٽرگيٽ“ جي ٻڌڻي سرعام رکو، هن صدر، چيف جسٽس کي به خط لکيا آهن ته ان خط جي انڪوائري ڪيو، توڻي جو ڪراچي واري جلسي ۾ پاڻ چئي ويو هيو ته هي ڪنهن به ملڪ جي خلاف ناهي نه ئي هي اينٽي آمريڪن آهي، نه ئي هي اينٽي اسرائيلي آهي، نه ئي هي اينٽي انڊيا آهي، پر وري هي پنهنجو نريٽو ڦيرائي ويو ته هي آمريڪا جي ڪنهن به ڳالھه  کي نه ٿو مڃي، ان ڪري اها ڳالھه  سمجھڻ سولي آ ته ملڪن سان ڊپلوميٽڪ ناتا هلائڻ مان ڇا مراد آ؟ معني جنهن ملڪ سان ٻولي جا رشتا نه هجن يا جنهن ملڪ سان مذهبي رواداري نه هجي، جنهن ملڪ جا ڪلچر، نظام ۽ سياسي ڊانچا مخلتف هجن يا جنهن ملڪ سان نه بارڊر ملي نه ڪا پاليسي ملي نه ڪو دين ڌرم ملي ته به ان ملڪ سان اهڙا ٻٽا معيار رکي ملڪي ناتا جوڙي سگهجن ٿا جنهن جي ڪري عمران خان کي اهي تعصب پرستيون ۽ تنگ نظريون پينٽ جي پوئين کيسي ۾ رکي اڳتي وڌڻو پوندو، ان ڪري ته سياستدان ماڻهن جا رول ماڊل ان صورت ٿيندا آهن ته هو پائيدار پاليسين جي ڳالھه  ڪن، هو روزگار ۽ وسيلن جي ڳالھه  ڪن ان عوام ۽ ملڪ جي مسقبل جي ڳالھه  ڪن، هو معاشي انقلاب پربا ڪن، هو ماڻهن جي زندگي بهتر بڻائڻ جي ڳالھه  ڪن، هو مذهبي گروهن وانگي ان ڳالھه  جي ضد ۾ نه هجن ته هو جي اينٽي اسرائيل ٿيندا يا آمريڪا کي بدشد ڳالهائيندا ته ماڻهو کين ووٽ ڪندا.

اڳواڻ دورانديش ۽ نظرياتي هجي، مثال ڊونلڊ ٽرمپ يا جوبائيڊن وانگي يا رپبليڪن ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽين وانگي جڏهن اهي شخص آزادي جي ڳالھه  ڪري، جڏهن اهي آمريڪي انٽريسٽ ۾ ٽيڪس ۽ بزنس جي ڦهلاءُ جهڙن نظرين جي ڳالھه  ڪري يا ”آمريڪا سڀ کان پهرين“ جهڙن نعرن جي آبياري ڪري يا روزگار ۽ معاشي پاليسين جي ڳالھه  ڪري اهي سياستدان پاڻ کي دنيا جي ٻين معمولي سياستدانن کان ٿورو کڻي الڳ ڪندا آهن ته جيئن اهي اهڙن عالمي سياست وارن نظرين جي ڳالھه  ڪري ووٽ کڻن، پر اهي نفرتن جي سياست ڪري پاڻ نه ٿا اگهائن، يا ڊونلڊ ٽرمپ وڃڻ کان اڳ عسڪري قوتن کي اشارا ڪو نه ڏئي ويو هيو ته مون کانپوءِ ڪو به سولين ڪرسي تي نه ويهي يا ٽرمپ ٻين کي ڪرسي نه ٿو بخشي سگهي يا پاڻ کان علاوه ٻين کي ڪرسي تي نه ٿو ڏسي سگهي، پر سياستدان اهو جيڪو سهپ، برداشت، رواداري، مفاهمت، سياسي همت ۽ فهم فراصت کان ڪم وٺي نه ڪي ڪو ماڻهن ۾ پنهنجي بيمار دماغ جهڙي انارڪي يا فاشزم ڦهلائي ته مان نه هوندم ته ڪير به نه هوندو. 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.