صحافي عمران رياض جي رياستي اداري خلاف آڊيو ليڪ

لاهور (عوامي آواز نيوز) ماضيءَ  ۾ اسٽيبلشمينٽ جو دادلو  سڏيو ويندڙ ۽ هاڻي پي ٽي آءِ  جي وڏي حامي بڻيل نام نهاد  صحافي عمران رياض  جي آڊيو ليڪ ٿي آهي يا ڪئي وئي آهي، نامياري صحافي اسد طور پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته ان آڊيو  ۾ عمران رياض  اهم رياستي اداري تي الزام مڙهيو آهي ته ڪو به ماڻهو رياست مخالف نه هوندو آهي پر رياست پاڻ مخالف پيدا ڪندي آهي، ان ئي آڊيو ۾ عمران رياض اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه سربراهن کي نالا وٺي گارگند به ڪري رهيو آهي، اسد طور  جو چوڻ آهي ته عمران رياض اهو نام نهاد صحافي آهي جنهن نامياري صحافي حامد مير خلاف  غليظ ٻولي استعمال ڪئي هئي ۽ نور مقدم جيڪا هڪ درندي ظاهر جعفر هٿان قتل ٿي هئي ته عمران رياض ان نياڻيءَ  جي ڪردار ڪشي ڪئي هئي،  محسوس  ٿي رهيو آهي ته عمران رياض رٿابندي تحت اها آڊيو ليڪ ڪرائي آهي، جنهن ۾ هو بلال  نالي همراهه سان ڳالهائي  رهيو آهي ۽ اهم اداري جي سربراهن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.