حيدرآباد: اي ٽي سي عدالت ۾ سن اسيرن جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي، جيل سپرينڊنٽ طلب

حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سن اسيرن جي ضمانت واري درخواست تي جيل سپرينڊنٽ کي 10 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.

حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙي عدالت ۾ سن اسيرن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي پوئيواري لاءِ ايڊووڪيٽ مير منگريو، اندرجيت لوحاڻو، پرويز قريشي ۽ ٻيا وڪيل عدالت پهتا.

ٻڌڻي دوران ڪورٽ ٻاهران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نديم مهدي، عادل شاھه ۽ بشير خاصخيلي سميت جسقم ڪارڪنن جو وڏو انگ ۽ سن اسيرن جا وارثن پڻ پهتا.

ٻڌڻي دوران عدالت آڏو ايڊووڪيٽ مير منگريو، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوحانو سميت ٻين وڪيلن دليل ڏنا.

وڪيلن ٻڌڻي دوران سن اسيرن کي جيل مينوئل موجب سهولتون نه ڏيڻ جي درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت ضمانت واري درخواست تي حڪم 10 مئي تي رکندي جيل سپرينڊنٽ کي به عدالت طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.