ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ واڌ بابت تحريڪ انصاف جي حڪومت جو آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو سامهون آڻي ڇڏيو.
مفتاح اسماعيل ٽوئيٽر تي معاهدي جي دستاويزن جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو، جنهن موجب اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ته نومبر 2021 ۾ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي.
https://t.co/MCkFdvQr3C pic.twitter.com/7Z3rr0F9HP
— Miftah Ismail (@MiftahIsmail) May 6, 2022
اڳوڻي حڪومت جي معاهدي موجب اختياريون پيٽرول ۽ ڊيزل ۾ آهستي آهستي 4 رپيا في ليٽر واڌ ڪنديون وينديون، جيستائين ليوي 30 رپيا في ليٽر تائين نه پهچي وڃي.