طالبان جو عورتن کي مڪمل ڍڪيندڙ برقعو پائڻ جو حڪم

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي سپريم ليڊر ۽ طالبان جي سربراهه افغان عورتن کي حڪم ڏنو آهي ته هو عوامي ماڳن تي مڪمل ڍڪيندڙ برقعو پهرين، جيڪو طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ عورتن تي لاڳو سخت پابندين ۾ هڪ نئين واڌ آهي.

ڪابل ۾ هڪ تقريب ۾ هيبت الله اخوندزاده طرفان طالبان حڪم نامو ٻڌائيندي چيو ويو ته کين چادري پائڻ گهرجي، ڇو ته هي احترام جوڳي روايت آهي.

هلندڙ سال جي شروعات ۾ طالبان جي مذهبي پوليس ڪابل جي ڀرپاسي پوسٽر لڳائي افغان عورتن کي پردو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ڪابل ۾ عورتون اڳ ئي پنهنجا وار اسڪارف سان ڍڪين ٿيون، جڏهن ته ڪجهه عورتون اولهه لباس به پهرين ٿيون.

راڄڌاني کانسواءِ ٻين شهرن ۾ برقعو اڃا به عام آهي.

طالبان ڪيترين ئي ٻين پابندين جو به اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت افغانستان جي ٽي وي چينلز کي عورت اداڪارائن تي ٻڌل ڊراما نشر ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.

طالبان اختيارين موجب جيڪي عورتون ننڍڙي فاصلي کانسواءِ ٻيو سفر ڪرڻ چاهين ٿيون، کين ٽرانسپورٽ جي سهولت ان وقت تائين نه ڏني ويندي، جيستائين ساڻن گڏ ڪو ويجهو مائٽ نه هوندو.

هدايت نامي ۾ بسن جي مالڪن کي چيو ويو هو ته اهي رڳو حجاب پهريل عورتن کي سواري جي آڇ ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.