خيرپور: عورت پوليس انسپيڪٽر مڙس هٿان گوليون هڻي قتل

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ عورت پوليس انسپيڪٽر زليخا انصاري کي سندس مڙس فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار پهريان پوليس کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي اڻڄاتل هٿياربندن طرفان گهر ۾ گهڙي فائرنگ جو بيان ڏنو ۽ پوءِ بيان مٽائيندي چيائين ته عورت آپگهات ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ جي بنياد تي جوابدار کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي وئي ته هن اعتراف ڪيو ته ڌيءَ جي رشتي جي معاملي تي زال سان جهيڙو هلي رهيو هو، اڄ جذباتي ٿي ويس ته کيس پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو.

پوليس موجب مقتولا ڊي آءِ جي سکر رينج ڪمپلين سيل جي انچارج هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.