پ پ پنجاب ۾ ڪهڙا عهدا وٺندي؟ حمزا شهباز سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ وفد جي پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.

ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز ۽ پ پ جي وفد وچ م پاور شيئرنگ معاملن تي گفتگو ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب جي آئيني عهدن تان هٿ کڻي وئي آهي ۽ ان گورنر جو عهدو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب پ پ پنجاب ۾ 3 وزارتون، 2 کان وڌيڪ خاص مددگار ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ به گهري آهي.

گڏوگڏ پ پ طرفان پنجاب ۾ ٻه پارلياماني سيڪريٽري جا عهدا به گهريا ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن گڏجي هلڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.

ذريعن موجب پ پ جي حسن مرتضيٰ کي سينيئر وزير بڻائڻ جا امڪان آهي، جڏهن ته شازيا عابد، غضنفر عباس، رئيس نبيل کي پارلياماني سيڪريٽري ۽ پارلياماني پارٽي چيئرمين بڻائڻ جا امڪان آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب جي شهزاد سعيد چيما کي خاص مددگار بڻائڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.