ڪپتان ڇو ناڪام ٿيو؟

سنڌيڪار: طفيل مگسي

1996ع ۾ قائم ٿيل تحريڪ انصاف بنا ڪنهن نظريي جي عمل سان وجود ۾ آئي ۽ تحريڪ نفاذ جي باني عمران کان برطانيا.امريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن (سرمائيداري) کان متاثر ٿيندي ڏيک ڏنائين.ڇاڪاڻ ته ان جي تعليم ۽ تربيت ۽ زندگي جو ڳچ حصو انهيءَ نظام جي پاڇي ۾ پليو هو. پر تحريڪ انصاف 2002ع واري اليڪشن ۾َحصو ورتو.پر بدقسمتي سان صرف هڪ قومي اسيمبلي ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ حاصل ڪري سگهي.ملڪي حالتن کان تنگ عمران خان انهن کي بهتر بنائڻ جي عملي سياست ۾ وڌيڪ جدوجهد تيز ڪري ڇڏي.هن کان اڳ هو پاڪستان جي لاءِ  ورلڊ ڪپ  ۽ عوامي تعاون سان هڪ فلاحي ادارو ٺاھي چڪو هو.جنهن جي بنياد تي هن اهوئي سمجهيو پئي ته محنت جدوجهد سان ڪجهه  به ڪري سگهجي ٿو.

نوجوان عمران جي آواز تي هن سبب کان ماڻهو سندس پٺيان گڏ ٿيڻ لڳا ته جنهن خوبصورتي سان ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جون عمران خان مٺڙيون مٺڙيون ۽ جذباتي ڳالهيون ڪيون هيون.انهيءَ ريت ڪو ٻيو حڪمران نه ڪندو هو.۽ عمران خان سياست جي روايتي طريقي کان هٽي ڳالهه هئي ۽ شروعات کان ئي هو نهايت عوامي.غريبن جي حقن جي ڳالهھ ڪندو هو.؛ پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي وٺي وڃڻ جا خواب ڏيکاريندو هو ۽ مسئلن کي حل ڪرائڻ جو ڏيک.ڏيندو هو.پر شايد عمران خان کي ملڪ جي 70 سالن کان مڙھيل جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام جي ٿوري به سمجهه نه هئي.هن سمجهيو ٿي ته جيڪڏھن مان ڪپتان بڻجي وڃان ته سموري ٽيم منهنجي پٺيان هوندي ۽ پوءِ جهڙي مان راند چاهيندس اهائي ٿيندي. ۽ پوءِ  ڪرپشن .بي انصافي  ۽ ٻين مسئلن جو خاتمو ٿي ويندو.جنهن سان اسان برطانيه ۽ يورپ جيان خوشحال بڻجي وينداسين.ڇوت اسان وٽ جهجها وسيلا آھن  ۽ انهن وسيلن کي پنهنجي مرحلي سان استعمال ڪري ڪجهه  به ڪري سگهجي ٿو.معشيت ته ڏور. پرعمران خان کي پاڪستاني سياسي نظام جي الف ب جي به خبر نه هئي.سياست ڪرڻ ڪوئي ٻلي واري راند ناهي .

2010ع تائين هن وٽ عام نوجوان ۽ ڪجهه  پڙھيل لکيل ماڻھو هئا.جيڪي هن بنياد تي عمران سان گڏ ھئا ته خان صاحب پاڻ ايماندار ۽ محنتي ماڻھو آھي.ڇوته هن ورلڊ ڪپ ۽ شوڪت خانم ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي.جيڪڏھن سياست ۾ ايندو ته هتي به فتح ھن جو مقدر بڻجي ويندي.نوجوان ۽ پڙھيل لکيل طبقو عمران خان تي اعتماد ڪرڻ لڳو ۽ تحريڪ انصاف کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ  ميدان ۾ لهي پيو.پر جيئن ئي تحريڪ انصاف پنهنجن ٻن پيرن تي بيٺي ته پاڪستان جي سرمائيدارن.جاگيردارن .نسلي سياسي خاندانن جي ٽولي کي پنهنجو مستقبل روشن نظر آيو.هيڏانهن عمران خان نه باهه ڏٺي نه پاڻي ڏٺو. ۽ تڙ تڪڙ ۾ ان کي ويلڪم چيو.تحريڪ انصاف جو پٽو ڳچيءَ ۾ وڌائين.ڪرپشن.ڦرلٽ.چوري چڪاري ۽ اسڪينڊلز ۾ گهيريل سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪري ائين پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيو.ڄڻ تازو آب زم زم منجهان وهنجي نڪتا هئا.

هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ کي لڳو ته پراڻن قرباني جي ٻڪرن جو گهڻو گوشت کائي چڪا آھيون.جيڪي هينئر اسان جي اعتماد جا به ناهن رهيا ۽ اکيون پڻ ڏيکارين ٿا.بهتر آھي ته نئين قرباني جي ٻڪري کي پٽو وجهي ميدان ۾ لاٿو وڃي.ان ريت 2013ع جي اليڪشن ۾ سٺي اڪثريت سان هن هڪ صوبي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.جڏھن ته ٻين صوبن ۾ ٻه ٽي سيٽون حاصل ڪيون.ليڪن عمران خان پوءِ  به آرام سان نه ويٺو.تحريڪن جلسن جلوسن ۽ ڌرڻن سان نواز ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ  مڪمل جدوجهد ڪندو رهيو.ان عرصي ۾ سرمائيدار جهانگير ترين سان سندس دوستي نهايت پاپولر ٿي .ڇوته پاڪستان جي سياست ۾ ڪاميابي جي لاءِ  سياسي خاندانن ۽ آزاد اميدوارن جي سائنس کي جهانگير ترين چڱيءَ ريت سمجهيو ٿي.انهيءَ لاءِ  2018ع جي اليڪشن ۾ اڪثريتي سيٽون حاصل ڪرڻ جي باوجود حڪومت ٺاھڻ جي لاءِ  سرمائيدار جو مرڪزي ڪردار نظر آيو.هاڻي جڏھن ڪنهن نه ڪنهن ريت حڪومت ٺاھي ورتائين ته خان صاحب کي سمجهه ۾ آيو ته مون وٽ ته ٽيم.ئي ناهي بلڪ منهنجي اڳيان پٺيان اهوئي ٽولو گڏ ٿي ويو آھي.جنهن جي سبب کان ملڪ جون حالتون 70 سالن کان بدحال آھن.ان سان گڏ ئي نظام جون  منجهيل ڏوريون به سمجهه ۾ اچڻ لڳس ته ڪيئن آءِ ايم.ايف .ورلڊ بينڪ  ۽ ٻين بالادست ادارن ملڪي معشيت کي گهيري ۾ ڪري رکيو آھي.اسان ڪجهه  به ڪريون يعني ٽوڻا ڦيڻا ڪرايون يا دعائون وغيره گهرايون .پر ملڪي معشيت کي هلائڻ جي لاءِ  انهن ادارن جي اڳيان سجدو ڪرڻو ئي پوندو( نعوذ با الله) .هرهڪ ڳالهه کان عمران کي يوٽرن وٺڻو پيو ته هن جيڪي ڳالهيون عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ  ڪيون هيون.حقيقت ۾ انهن کي عملي ويس پهرائڻ جي لاءِ  خان صاحب وٽ پارٽي هئي نه ڪو باقاعده فڪر يا پلاننگ جنهن جي بنياد تي اهو ڪجهه ڪري سگهي ها، يعني حڪومت ٺھڻ کان فورن بعد ئي انهن اميرن.سرمائيدارن.بيوروڪريٽس ۽ لفافا بند صحافي حضرات خان صاحب کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.ڇوت عمران خان وٽ پلاننگ يا پنهنجي تنظيم نه هئي.جيڪا معشيت.سياست ۽ صحافت  جهڙن ادارن کي چڱي طريقي سان هلائي سگهي.ڇاڪاڻ ته هتي هر اداري ۾ ڳجهون واڳون ۽ موسي عليه سلام واري ازدها بلائون ويٺيون آھن .جيڪي هڪ سٽ ۾ ھزارين شيون ڳڙڪائي وڃن ٿيون)  ۽ ائين ٽن مهينن ۾ انقلاب برپا ڪرڻ جي دعوا ڪرڻ وارو عمران خان ٽن سالن ۾ به ڪجهه  نه ڪري سگهيو.۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻڏي ويو.مسئلن خاص ڪري مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ بي انتها واڌارو ٿيو.

ٻئي پاسي عمران خان جنهن ملڪ جو دورو ڪندو رهيو.ان ملڪ جو نظام ۽ پلاننگ عمران کي متاثر ڪندي رهي.چين.ايران ۽ ترڪي جي دورن جو اظھار ڪيائين ته پاڪستان کي انهن جي طرزوارو نظام ترتيب ڏيڻ گهرجي .ڪافي موقعن تي خان صاحب هن ڳالھه جو اعتراف به ڪيو ته ملڪي راهه جي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ملڪي نظام آھي( جنهن کي خلائي مخلوق ۽ سندس ٽيم جي اشارن تي هلايو ويندو آھي) يعني ان نظام ۾ جهڙو به حڪمران چونڊجي ايندو اهو ان جي ئي ڪنٽرول ۾َ رهندو. ۽ پوءِ  نه چاهيندي به ان کي به  اهوئي سڀ ڪجهه  ڪرڻو پوي ٿو.جيڪي هن کان اڳ حڪمران ڪندا آيا آھن.تحريڪ عدم اعتماد ۽ وزارت اعظمي هٽائڻ تي عمران خان ۽ ان جي اتحادين هر اهو هٿڪنڊو استعمال ڪيو.جنهن سان سندس حڪومت بچي سگهي.پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا.اهي جاگيردار ۽ سرمائيدار جيڪي ڪالهه مرڪي ڪري پنهنجي ڳچيءَ ۾  تحريڪ انصاف جا پٽا وجهي رهيا هئا اهي هڪدم ڦري ويا ۽ هر قسم جي عهدن جي پيشڪش جي باوجود اپوزيشن سان ڳنڍجي ويا.

ان سموري تاريخ.واقعن ۽ مامرن تي ويچار ڪيو وڃي ته ٻه ڳالهيون چٽيون ٿين ٿيون ته اصل مسئلو فرسوده انگريزن جو ڇڏيل نظام ئي آھي.جيڪو پياري ملڪ کي هندستان کان ڌار ٿيڻ وقت تحفي طور تي مليو هو.ٻيو جيڪڏھن اوهان کي ان نظام کي بدلائڻو آھي ته ان جي متبادل ڪو نظام .فڪر يا ويزن آڻڻو پوندو.۽ پوءِ  ان ويزن تي پنهنجي هڪ ئي “جماعت“ جوڙڻي پوندي.اهڙي جماعت جيڪا وطن عزيز سان گڏ سچي هجي.جيڪا نه وڪرو ٿيڻ واري هجي نه جهڪڻ واري هجي.جنهن کي رڳو اقتدار جي تمنا ۽ لالچ نه هجي.بلڪ سندس نيت صرف ملڪي مفاد جي تحت هجي.

اها جماعت پنهنجي ويزن تي تربيت يافته هجي ته جيئن هن کي ڪو بليڪ ميل نه ڪري سگهي.هن جو سياسي شعور ايتور بلند هجي ته نه صرف قومي بلڪ بين الاقوامي چالبازين  ۽ ملڪ دشمن سازشن کي به احسن طريقي سان سمجهندي هجي. ۽ ان جو مقابلو رکڻ جي صلاحيت رکندي هجي.تڏھن ئي وڃي ڪري ملڪ ترقي جي رستي تي راهي ٿي سگهي ٿو.نه ته 75 سالن واري تاريخ سهوئي ٻڌائي ٿي ته چهرا بدلائي بدلائي ڪري جيڪو اهو ناٽڪ ۽ سرڪش جاري آھي ان جو مقصد محض عوام کي چريو بڻائي ڪري استعمال ڪرڻ آھي.۽ وڌيڪ جھالت ۾ رکڻو آھي.

تحريڪ انصاف سان گڏ لاڳاپيل اهي سمورا فرد جيڪي حقيقي تبديلي چاهين ٿا .سي شخصيت پرستي جي جادو کان نڪري ڪري نظام جي تبديلي جي سائنس کي سمجهن.ڇاڪاڻ ته موجوده دور هيرو ازم جو ناهي.بلڪ مضبوط ۽ ٺوس ادارن ۽ نظامن جو آھي.سماجي تبديلي جي حقيقي فارمولي کي جيترو تڪڙو سمجهي ويندا .اوترو ستت ئي بهتر منزل ڏانهن راهي ٿي سگهندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.