هڪ مقرري سان عمران خان جون اکيون ۽ ڪن بند ٿي ويا، بي فيض ٿيندي ئي ڪِري پيو: مريم نواز

پاڪپتن(م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان قوم کي لنگر خانن تي لڳائي پاڻ توشا خانه کي لٽيندو رهيو،  عمران خان حڪومت بي فيض ٿيندي ئي ڪِري پئي، رات پنجاب جي شهر فتح جنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان جي هيٺيان ڪرسي کسڪندي ئي سندس دماغ چڪرائجي ويو، هاڻي هرروز نئون ڪوڙ ڳالهائي ٿو، مريم چيو ته توهان کي مبارڪ هجي جو عمران خان جهڙي نحوست مان توهان جي جان ڇٽي پئي، اها نحوست عوام جي بجلي، اٽو ۽ کنڊ کائي وئي هئي، عوام کي ڏينهن رات محنت ۽ ڪم ڪرڻ وارو شهباز شريف جهڙو ليڊر ملي ويو،  هڪ مهيني اندر اٽو، کنڊ سستي ٿي وئي آهي، بجلي جا بند پيل ڪارخانا کلي ويا آهن، هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي حڪومت وڃڻ جو ايترو ڏک ناهي جيترو شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ تي ٿيو آهي، هن چيو ته عمران خان هاڻي پاڻ ۾ تڪليف جي عادت وجهي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ دور نواز شريف ۽ مسلم ليگ جو آهي، عمران خان 4 سالن تائين انتقام وٺڻ کانسواٰءِ ڪجهه به نه ڪيو، نه هن ڪم ڪيو نه ٻين کي ڪم ڪرڻ ڏنو ويو، عثمان بوزدار جڏهن وڏو وزير ٿيو ته چيائين ڳوٺ ۾ بجلي ناهي، جڏهن رخصت ڪيو ته سڄي پنجاب ۾ بجلي نه هئي، هن چيو ته عمران خان جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، ڪڏهن جعلي خط ڏيکاري ٿو، ڪڏهن سازش جو الزام لڳائي ٿو، پهرين چيائين خط مارچ ۾ آيو، گذريل رات وري چيائين ته گذريل سال کان سازش ٿي رهي هئي، هن چيو ته عمران خان باقي بچيل زندگي رڳو خط ڏيکاري پئسا گهرندو رهندو،مريم نواز چيو ته فرح خان جو قصو فتح جنگ تائين پهچي ويو آهي، فرح خان جو ٻيو نالو عمران خان آهي، عمران خان پنهنجي ڀيڻ عليما کي بچائڻ لاءِ ڪڏهن به بيان نه ڏنو، پر فرح کي بچائڻ لاءِ ٽي وي تي اچي ويو ۽ چيائين ته فرح ڪجهه نه ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.