پي ٽي آءِ لاڳاپا متاثر ڪيا، بلاول بهتر پرڏيهي پاليسي جوڙيندو: مراد شاهه

سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، بلاول ملڪ جي مفاد ۾ پرڏيھي پاليسي جوڙيندو.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ لڳ پنھنجي اباڻي ڳوٺ واھڙ ۾ تڪ جي عوام کي عيد ملن پارٽي ڏني. جنھن ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن آفيسرن ۽ علائقي جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي اها هوندي جيڪا ملڪ جي بهتريءَ ۽ ترقي لاءِ هوندي ۽ ملڪ جو پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سياسي ڏاهپ سان ملڪ جي مفاد ۾ پرڏيھي پاليسي جوڙيندو.ھن چيو ته وفاقي وزير پاران گذريل حڪومت جهڙي پاليسي نه  جوڙي ويندي جنهن سبب ملڪ جا ٻين ملڪن سان رابطا خراب ٿيا.ھن چيو ته مڪاني چونڊن بابت قانوني مسئلا حل ٿي رھيا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن پڻ چئي ڇڏيو آهي ان ڪري اسان چونڊن کي ڀليڪار ڪيون ٿا ڀلي مڪاني چونڊون ٿين ماڻهو پيپلزپارٽي  جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ ضرور نڪرندا، گرمي سردي کي نه ڏسندا. وڏي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پرڏيهي لاڳاپن ۾ غلط پاليسين سبب رابطا متاثر ٿيا جنهن سبب سي پيڪ پراجيڪٽ توڙي ٻيا ترقياتي پراجيڪٽ متاثر ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا پي ٽي آءِ حڪومت کين سازشي قرار ڏئي خراب ڪيا. سيوهڻ ۾ پاڻي جي کوٽ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن تقريب کان اڳ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ سان ڊگهي گڏجاڻي  ڪئي آهي ۽ عوام تائين پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ سبب سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ کان پڇا ڪري هدايت ڪئي آهي ته سيوهڻ ۽ ڀان ۾ پاڻي جي فراهمي کي جلد کان جلد يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن ٻنهي علائقن ۾ آباديء کان وڌيڪ پاڻي جي فراهمي ڪئي وڃي. . ان موقعي تي ايم اين اي ضلع ڄامشورو سڪندر علي راهپوٽو، ايم اين اي ضلع دادو رفيق جمالي، پيپلز پارٽي ضلعي صدر سيد آصف علي شاهه ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه، ڊي سي ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ، ڊي سي دادو مرتضيٰ علي شاهه ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.