گورک جي سياحن جي جيپ ڪلٽي، 8 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

جوهي ( ن ع آ  )  سنڌ جي ڪوهه مري گورک هل اسٽيشن تي تفريح لاءِ  ويل ڀٽ شاھ واسين سان روڊ حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي  ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن, گورک تان واپسي وقت ڀٽ شاه جي سياحن جي جيپ  ستٽيهه چاڙهي وٽان ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا  آهن,زخمين ۾ اصغر، زبير، اعجاز، حمزا چوهاڻ ۽ ٻيا  شامل آهن, سمورن زخمين کي واهي پانڌي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي طبي سهولتون نه هجڻ ڪري زخمين کي  سيوهڻ اسپتال رفر ڪيو ويو آھي  زخمين مان ڪجهه زخمين جي حالت خراب ٻُڌائي پئي وڃي ڊي ايڇ او دادو احمد علي سميجو مسلسل گورک تي واقع پيش اچڻ ڪري ايمر جنسي ۾ جوهي اسپتال پهتو جتي هن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته حادثي وارن کي جوهي بجاء ايمر جنسي حالت ۾ تعلقه سيوھڻ رفر ڪيو ويو آھي حادثي ۾ زخمين جي حالت بهتر آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.