سجاول جوڻيجو پوليس نوجوان هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سجاول جوڻيجو پوليس مبينا موٽرسائيڪل ڦر واري واقعي ۾ گرفتار ڳوٺاڻي کي هاف فراءِ ڪرڻ بعد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي شفاف جاچ جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ سجاول جوڻيجو پوليس مبينا مقابلي ۾ ڳوٺ گلبهار لغاري واسي مبينا ڦورو اختيار لغاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان حوالي سان سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته گذريل رات دير سان ڪٽوهر لاڙي وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلي بعد پوليس هڪ ڏوهاري اختيار علي لغاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي. هوڏانهن مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو جي مامي شاهنواز لغاري الزام لڳايو ته ٻه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او سجاول امداد لاشاري نواز جتوئي جي موٽرسائيڪل ڦر واري ڪيس ۾ ڀاڻج اختيار لغاري سميت ٽن نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ بعد لاڪپ ڪري ڇڏيو بعد ۾ ايس ايڇ او ٻڌايو ته فريادي ڦر واري واقعي ۾ اختيار علي لغاري جي سڃاڻپ ڪئي آهي جيڪو واقعي ۾ ملوث آهي تنهن ڪري اوهان 15 هزار روپيه ڀري ڏيو جيڪي پئسا ڏيڻ جي باوجود پوليس گذريل رات دير سان ڀاڻج اختيار علي لغاري کي ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري معذور ڪري ڇڏيو جيڪو اسپتال داخل آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورت جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو امداد لاشاري خلاف ڪاروائي ڪري مقابلي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.