نصير آباد لڳ چڙهائي، ٻه ڀائر کنڀي گم ، وارثن جو لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي نصيرآباد جي ڳوٺ ٿرڙي هاشم جي رهواسي عورتن ۽ مردن پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي مبينا طور قمبر پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي پيرسن عورت زبيده ميربحر پنهنجي ڌيءَ عمره خاتون، ننهن عقيلا خاتون ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته اڄ صبح سوير قمبر سٽي، وڳڻ ۽ نصيرآباد ٿاڻن جي پوليس اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري منهنجي ٻن پٽن بشير احمد ۽ منٺار ميربحر کي موٽرسائيڪل ڦر جي الزام ۾ کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته چڙهائي دوران پوليس ٻه موبائيل فونون، هڪ موٽرسائيڪل ۽ هڪ لائسنس واري بندوق کڻي اسان عورتن سميت مردن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رواني ٿي وئي ان بعد اسان پنهنجي مردن سان گڏجي مختلف ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي چڪا آهيون پر ان جي باوجود ٻنهي پٽن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن چيو ته خدشو آهي ته قمبر پوليس منهنجي ٻنهي پٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي کين فل فراءِ يا هاف فراءِ ڪندي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل ٻنهي پٽن کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.