سرهاڙي ۾ پوليس موبائيل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل نينگري جي وارثن پاران انصاف نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

سرهاڙي ۾ پوليس موبائيل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل نينگري جي وارثن پاران انصاف نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

پوليس موبائل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل 16ورهين جي عائشه ڪلهوڙي جي وارثن پيءُ غلام رسول ڪلهوڙي، پيربخش، ثناءُ الله، مسمات حسن بانو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڊيا اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽي هفتا ڳوٺ شاهه آباد وٽ مهراڻ هاءِ وي تي سڪرنڊ واري پاسي کان ايندڙ کڏهر ٿاڻي جي تيز رفتار پوليس موبائيل نياڻي کي ٽڪر هڻي زخمي ڪيو.

هنن چيو ته پوليس موبائيل ۾ موجود اهلڪار نياڻي کي اسپتال منتقل ڪرڻ بدران فرار ٿي ويا جنهن ڪري نياڻي روڊ تي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي پر حادثي کي ٽي هفتا گذرڻ باوجود کڏوهر ٿاڻي جو ايس ايڇ او توڙي ڪو به پوليس عملدار لڙي ناهي آيو.

احتجاج ڪندڙ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وسن وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي پوليس موبائيل جو ٽڪر هڻي نياڻي کي ماريندڙ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.