مٽياري ويجھو آبپاشي ملازمن پاران آبادگارن جي مبينا حملي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

مٽياري ويجھو آبپاشي ملازمن پاران آبادگارن جي مبينا حملي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ٽدري موري وٽ آبپاشي ملازمن ايس ڊي او مظهر ميمڻ، هادي بخش خاصخيلي، ياسين احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي آبپاشي ملازمن الزام مڙهيندي چيو ته چنا برادري جي آبادگارن پاران شاخ مان پاڻي چوري ڪرڻ جو اطلاع مليو، جتي آبپاشي عملدار پهتا ته ڪمند جي فصل ۾ لڪيل چنا برادري جي ماڻهن حملو ڪيو جنهن ۾ ٻه ملازم زخمي ٿي پيا آهن.

هنن چيو ته حملي ڪندڙن چنا برادري جي ڪجهه آبادگارن ڪجھه ڏينھن پهرين پاڻي چوري ڪيو، جنهن جو شاھه پور ٿاڻي ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا ته اڄ ٻيهر حملو ڪيو ويو آهي.

آبپاشي ملازمن ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته پاڻي چوري ۽ آبپاشي ملازمن تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.