سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو ، ربيع جي پوکائي نه ٿي، پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ

حيدرآباد(رپورٽ: عتيق ملاح) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ اڪثر ڪئنال مڪمل طور تي بند آهن، ڪوٽڙي بئراج تي پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي وڃڻ بند ٿي ويو آهي، پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچي وئي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو انتهائي گهڻو وڌي چڪو آهي، هن وقت گڊو بئراج جا سمورا ڪئنال بند آهن، سکر بئراج جو رائيٽ بينڪ سڄو بند پيو آهي، ڪوٽڙي تي اپ اسٽريم 54 سئو ۽ ڊائون اسٽريم 205 ڪيوسڪ آهي، سکر تي صرف 4 ڪئنال پيا هلن، ڪوٽڙي تائين پيئڻ جو پاڻي به ملڻ وڏو امتحان بڻجي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڻي جي کوٽ جي شدت اڃا گهڻي وڌي سگهي ٿي. هن چيو ته هن وقت سکر بئراج تائين 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت آهي، ڇو ته سارين جا ٻيجارا ٿيندا، فصلن جي پوکي جي تياري ٿيندي ۽ زمينن تي بيٺل اهم فصل پاڻي جي کوٽ جي ڪري سڪي رهيا آهن. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ هن وقت 60 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، صورتحال بهتر نه ٿي سگهي ته انبن جا باغ تباهه ٿي ويندا، ڦٽي ۽ ڪمند سميت ٻيا فصل سڪي ويندا ۽ زرعي معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. هن چيو ته اسان اهو مطالبو به ڪيو هو ته  خريف جي لاءِ 5 کان 6 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏڻ گهرجي، ارسا ۽ واپڊا وارا جيڪو پاڻي مٿان کان هڪ قدرتي طور تي اچي ٿو اهو ئي ڏين ٿا، واپڊا جي پاليسي درست ناهي. سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو سنگين ٿي ويو آهي، پر اميد آهي ته صورتحال بهتر ٿيندي. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو سبب چشما کان هيٺ سنڌ جو پاڻي چوري ٿيڻ به ٿي سگهي ٿو يا وري اهو به ممڪن آهي ته سنڌ کي ارسا پاران پاڻي جا درست انگ اکر نٿا ٻڌايا وڃن. هن چيو ته پاڻي گهٽبو آهي ته سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي چاندي ٿي ويندي آهي، رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي گهڻي تڪليف ٿيندي آهي هوڏانهن انگن اکرن موجب سنڌ انڊينٽ 65,000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته انڊينٽ کوٽ 32,000 ڪيوسڪ آهي، گڊو بئراج مٿانهون ويهڪرو 33,000، هيٺاهون ويهڪرو 33,000، سکر بئراج تي مٿانهون ويهڪرو 29,000 ۽ هيٺاهون ويهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ  ۽ اهڙي طرح ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون ويهڪرو 5,400 ۽ هيٺاهون ويهڪرو صرف205  ڪيوسڪ آهي، هن وقت گھوٽڪي فيڊر، ڊزرٽ پٽ فيڊر، بيگاري سنڌ فيڊر، ريڻي ڪئنال، رائس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال مڪمل طور تي بند آهن، نارٿ ويسٽ ڪئنال پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ 4 سئو ڪيوسڪ ڇڏيو ويو آهي، نارا ڪئنال 9,000، روھڙي ڪئنال8,500، خيرپور ايسٽ1,100 ، خيرپور ويسٽ 1,100، ڦليلي گوني 1,500، پڃياري 1,200، اڪرم واھ 900، ڪلري بگھاڙ فيڊر 1,500، گڊو مان کڻت0، سکر مان کڻت 20,100،  ڪوٽڙي مان کڻت 5,100، بئراجن مان کڻت 25,200، بلوچستان کڻت 0، سنڌ ٽوٽل کڻت 25,200، سنڌ ۾ لاسز فلڪچوئيشن 7,800، سنڌ انڊينٽ کوٽ 32,000، سنڌ ڪُل پاڻي جي کوٽ 39,800 آهي، دادو-مورو پُل 109.2 ، منڇر ڍنڍ ليول109.8 ، ڪينجھر ڍنڍ 49.0، چوٽياريون ڊيم 8.0 آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.