اسلام آباد( م ڊ) پيپلز پارٽي اڳواڻ ن ليگ اڳواڻ جي بيان سان اختلاف ڏيکاريندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت بيان کان لاتعلقي ڏيکاري. شيخ رشيد جي وگ لاهڻ جي بيان کي پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل فرحت الله پرتشدد قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت هن بيان کان لاتعلقي ڏيکاري ۽ حنيف عباسي کي معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته شيخ رشيد بابت حنيف عباسي جو بيان نفرت تشدد ۽ لاقانونيت کي هوا ڏئي ٿو هن جي هر صورت ۾ مذمت ڪرڻ گهرجي. 03