نواز شريف سان ٿيندڙ ملاقاتن بابت باخبر هئاسين: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته جيڪڏهن حالتون خراب ٿي ويون ته عمران خان به ڪجهه نه ڪري سگهندو، اسان جي حڪومت دوران نواز شريف سان جيڪي ملاقاتون ٿي رهيون هيون، ان بابت باخبر هئاسين، سمورا  ملبو اداري مٿان اڇلائڻ وارن کي ٻڌايان ٿو ته ايئن نه ڪريو، فوج جون تمام وڏيون قربانيون آهن، راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته مون مارچ ۾ ئي چيو هو ته اسان جي حڪومت کي خطرو آهي. اهڙن خطرن کان عمران خان به باخبر هو، هن چيو ته ٻاهرين سازش جا نتيجا اونڌا ٿي ويا. عمران خان هاڻ اڳ کان به وڏو ليڊر بڻجي ويو آهي. موجوده حڪومت ڦاسي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.