ٿاڻي بولا خان ۾ حادثو، هڪ فوت، 10 ڄڻا زخمي

ٿاڻوبولاخان(ن ع آ )سري روڊ تي  مدئجي جا رھواسي ھندو ياتري ماتا مول واري جي مندر جي ياترا ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته  سري جي رستي ۾ سندس ڪار جو علي شير حملاڻي جي ڪار سان آمھون سامهون ٽڪر ٿي پيو  ٽڪر جي نتيجي ۾ مدئجي واسي 6 ڄڻا سخت ٿي پيا جڏهن ته مدئجي واسي جي ست مھينن جو ڇوڪرو مڪيش ڪمار  تڏي تي ئي فوت ٿي ويو آهي مدئجي واسي جي 6 سالن جو ڇوڪرو ۽ ھڪ ليڊيز جي ٽنگ ٽٽي ويئي آهي ۽ علي شير حملاڻي سندس گھرواري  ۽ سندس پٽ سخت زخمي ٿي پيا آھن ڊاڪٽر آسر مل ۽ ڊاڪٽر پھلاج را۽ جي بروقت  فرسٽ ايڊ ڏيڻ کانپوء زخمين کي صوبائي وزير برائي اقليتي امور گيانچند ايسراڻي پاران تازو ھينئر نئين ڏنل ايمبولنس ۾ جناح اسپتال ڪراچي ۾ موڪليو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.