گهوٽڪي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گذريل ڏينهن گهوٽڪي ويجهو چارڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ، هڪ ٻئي مٿان ڏنڊا اڀا ، نتيجي ۾ هڪ  عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ڳوٺ محمد هاشم چارڻ ۾  پيش آيو ،زخمين ۾ ، امداد علي چارڻ ، اقبال چارڻ، حبيب الله چارڻ، هدايت الله چارڻ ، ۽ هڪ عورت شامل آهن جن کي اسپتال پهچايو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻيئي ڌريون گذريل رات به پاڻ ۾ اٽڪيون هيون جن کي برادريءَ جي ماڻهن وچ ۾ اچي جهيڙو ٽاريو هيو ليڪن ڪالھ وري ٻيهر صبح جو جهيڙو ٿيو جنهن دوران هڪ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿيا جن کي اسپتال پهچايو ويو،واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.