حيدرآباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾  2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. لطيف آباد يونٽ نمبر 2 ۾ قائم هوٽل تي موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي علاج لاءِ ڀٽائي اسپتال منتقل ڪيو. حسين آباد پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ واقعي ۾ 25 ورهين جو اويس پٽ عبدالقيوم صديقي ۽ 30 ورهين جو نبيل پٽ طالب نور شيخ زخمي ٿيا. پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ هٿياربند نشي ۾ هئا جن هوٽل ٻاهران موٽرسائيڪل بيهاري فائرنگ ڪئي، پر هوٽل ۾ ماڻهو گهٽ هئڻ سبب وڌيڪ جاني نقصان نه ٿيو. هوڏانهن اسپتال ۾ داخل زخمين پوليس کي شروعاتي بيان ڏنو ته هو هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ آيا هئا ۽ مٿن فائرنگ ڪندڙ هٿياربندن سڌا فائر ڪيا پر هو معجزاڻي طور ڄنگهه ۽ ٻانهن ۾ گولي لڳڻ سبب معمولي زخمي ٿيا آهن. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.