ميان صاحب (ن ع آ) همايون ٿاڻي جي حد ابدال شاخ ڀرسان مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ لڌو مارفاڻي ۽ نذيران زال علي محمد مارفاڻي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي خلاف 2 ڌار ڌار ڪيس 40 جوابدارن خلاف داخل ڪرايا.