جيڪڏهن اوهان جا وار اڻڀا آهن ۽ اوهان انهن کي خوبصورت، سڌو ۽ نرم بڻائڻ چاهيو ٿا ته اوهان هيٺ ڄاڻايل ماسڪ تيار ڪري وارن کي خوبصورت بڻائي سگهو ٿا.
وارن کي سڌو ۽ نرم بڻائڻ لاءِ اوهان کي هڪ ڪيلو، 2 چمچا ماکي، 3 چمچا ڏهي گهرجي.
هڪ پيالي ۾ ڪيلو وجهو ۽ پوءِ ماکي ۽ ڏهي وجهي انهن کي مهٽي ڪريم ماسڪ جهڙو بڻائي ڇڏيو.
اهو ماسڪ اڌ ڪلاڪ تائين وارن کي لڳايو ۽ پوءِ شيمپو سان وار ڌوئي ڇڏيو.
هن ماسڪ جي هر هفتي استعمال سان اوهان کي بيوٽي پارلر تي وڃڻ جي به ضرورت نه پوندي.