اچو ته سڀ گڏجي عيد ڪريون پر ڪنهن سان؟

 

 

 

سماج ۽ انسان جو ڳانڍاپو چولي دامن جو آهي، انسان آهي ته سماج به جڙي ٿو ۽ سماج کي خوبصورت ٺاهڻ وارو انسان ڌرتي ڪائنات جي سڄي حسن جي سڃاڻپ تي پنهنجي سوچ جي مهور کي اجاڳر ڪري ٿو. ڏينهن تهوار انسانن لاءِ هوندا آهن جڏهن رات جي انڌيري کانپوءِ عيد جو چنڊ به اکٻوٽ ڪندي غائب ٿي وڃي ٿو ته صبح جي سج جي روشني ۾ چمڪندڙ ٽمڪندڙ تارا به شرمائجڻ واري انداز جي جهرمٽي ۾ غائب ٿيڻ لڳندا. ڪائنات ۽ ڌرتيءَ وچ جو منظر انسان جي زندگي تي غمن، خوشين، ڏکن ڏولاون، اميدن حسرتن جي هماليا جيڏي سوچن جي سمنڊ ۾ ڪيتريون خوشيون ۽ غم سميال هوندا. ملڪ ۾ مهانگائي ڪر کڻندي ته سڀ کان پهرين غريب طبقي تي ڏکوئيندڙ اثر ظاهر ٿيندا. وڏو خاندان بيروزگاري، بک، مفلسي جهڙا موضي مرض غريب طبقي لاءِ ڪنهن آفت کان گهٽ نه هوندا ۽ وري سماج ۾ شعور جي گهٽتائي نه هئڻ ڪري قسمت جو چئي ماڻهو کي خاموش ڪرائڻ، بي حس سماج جي سوچ ۾ من گهڙت جملا اصل حقيقت کان گهمراهه ڪرڻ جي برابر آهن.

ڇا جيڪي هن ڌرتيءَ تي آيا آهن تن جي جيئڻ لاءِ الڳ ڌرتي جو وجود آهي. ان پاڻي معاشي گهرجون زندگي جي جيون لاءِ ڪو الڳ قانون هوندو. پر جيڪڏهن اهو سوچجي ته هر انسان جو بنيادي حق ۽ حقن جي پاسداري ڪرڻ سماج جي واڳ ڌڻين جي وس آهي ته پوءِ افسوس سان هن ملڪ جي حڪمرانن وٽ انسانيت جو رشتو اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ تائين محدود آهي. سڃاڻپ جا دائرا طبقاتي سماج جي ور چڙهي ڊرائنگ روم جي آرامده صوفن ۽ اي سي جي ٿڌاڻ ۾ غائب ٿي ويندا، ان حد تائين بي حسي جو شڪار تڙپندڙ عوام اڃيو، بکيو، مفلسي وگهي مجبور ٿي خودڪشين جا انتهائي ايذائيندڙ واقعا، ريڙهن تي پيءُ ٻار ويهاري وڪڻڻ جا هوڪا ڏيندو، ڪڏهن بيروزگاري تنگ حالي کان مجبور ٿي پيءُ ڳلي ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪندو ته ڪڏهن ماءُ خالي ٿاليون ۽ اجهايل چلهو ڏسي پنهنجي ٻچن جي فاقاڪشي کي نه برداشت ڪندي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيندي پر ملڪ جي واڳ ڌڻين جي ڪنن ۾ ڄڻ ڪپهه.

عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ماءُ انتهائي قدم کڻندي پنهنجي ٽن ٻارن سميت ڪراچي نيٽي جيٽي جي پل تان ٽپو ڏئي روز جيئڻ ۽ مرڻ کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اتفاق سان ڏسندڙن کيس پاڻي مان ڪڍي بچائي ورتو ۽ پل سان ٽنگيلين ٻارن کي ڪنهن جي آسري هو ڇڏي پئي شايد ٿورڙي دير ۾ به اهي ٻار زندگي جو ڏيئو اوجهل ٿيندي ڏسن هان. ڏسڻ اهو گهرجي ته هنن ٻارن جو مستقبل ڪيئن ٺهندو. ٻار پنهنجي ماضي جي ڪجهه لمحن کي پوري زندگي تائين ياد ڪندو آهي. ڇا معاشري جي بي حسي معصوم ٻارن جي سوچ کي خوشگوار لمحي ۾ بدلائي سگهي ٿي؟ يا معاشري ۾ اڳتي هلي طعنا ٻڌڻا پوندا؟ جڏهن خوشين جا ڏينهن ايندا آهن ته پري جا ڏک به جمپ کائي سامهون ايندا.

تازو ميهڙ ڀرسان ڳوٺ کي باهه لڳڻ ڪري گهرڀاتين عورتن ٻارن مردن سان گڏ مينهون، ٻڪريون، ڪڪڙيون به سڙي رک ٿي ويون. انتهائي افسوسناڪ عمل اهو آهي ته ڪا به باهه وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ نه هئي بس ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ باهه جي الن کي اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. حقيقت اها آهي ته هر جڳهه تي اهڙا حفاظتي اپاءَ وٺڻ لاءِ سختي سان قانون لاڳو ڪيو وڃي. باهين لڳڻ جا اڪثر واقعا ٿيندا رهن ٿا جڏهن تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان ٿئي ٿو ته پوءِ انتظاميا پهچي ٿي. ڏسجي ته ان سڙيل ڳوٺ جي مٿان به عيد جو چنڊ نظر آيو هوندو ۽ باقي بچيل جانين جي عيد ڪهڙي هوندي؟ ڇا انهن آسمان ۾ چنڊ ڏسڻ جي تلاش ڪئي هوندي يا سڙيل رک مان ڪنهن عزيز قريب جي جسم جي هڏيون تلاش ڪيون هونديون.

قصو صرف اتي ختم ناهي پر ان کانپوءِ به ڪيترن ڳوٺن ۾ باهه لڳي آهي، ڪيترا لاش ملڻ کانپوءِ انهن گهرن ۾ ڪهڙي عيد جون خوشيون هونديون جن جي گهرن ۾ خودڪشي ڪرڻ وارا لاش پهتا هوندا. مان اهو سوچيان ٿي ته اڄ عيد آهي ته کين ڪروڙين معصوم ٻار آهون، ڪوڪن سسڪين ۾ ڳلن تي ڳوڙها ڳاڙيندي نظر ايندا. ڪن جي گهرن ۾ بکون فاڪا ته ڪن جي گهرن ۾ پهنجي وڇڙي وڃڻ جو درد ڇا هي معاشرو ايترو بي حسي تي ويو آهي جو غريبن، لاوارثن، مجبورن جو خيراتي ادارن ۾ پڇڻ وارو ڪير به نه هوندو. ڪنهن پڇو عيد ڇا آهي مون چيو سڀني ڏکن، سورن، پنهنجن پراون جي بي حسي خودپسندي جي جهرمٽي ۾ پنهنجي اڪيلي ذات ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ بنيادي مسئلن جي مايوسين، احساس محرومي ۽ مٿاڇري ڏيکا ۾ هڪ اهڙي تاثر جو اڀري اچڻ ۽ وقتي طور تي جهرمٽي ۾ خوشي جي منظر کي ڳولڻ عيد آهي. اها عيد مبارڪ به آهي ته اها عيد ڏکن جي سمنڊ مان ڇولي وانگر سڀني تي گهاءَ ڪرڻ به آهي. شال اسان جي سماج ۾ اصل انساني احساسن ۽ جذبي سان سرشار خوشيون ملن ته اصل عيد آهي.

خد پسند اولاد بزرگ والدين کي شيلٽر هوم ۾ ڇڏي اچڻ کانپوءِ ٻيهر نه ڏسندا سو چيو ته عيد جو ڏينهن ان امڙ ابي لاءِ ڪهڙو هوندو جڏهن جوانيءَ ۾ هنن ٻارن لاءِ عيد جا ڪيترا ٺاهي سٺا سٺا کاڌا کارائيندا هئا اڄ اهي بي بسيءَ ۾ درن ڏانهن نيهاريندا هوندا ايل عيد سماج جي احساس محرومي جي خاتمي کانپوءِ ئي بهتر چئي سگهجي ٿي. عيد اسلامي تهوار آهي ڇا اسلام ۾ ڪنهن وٽ خوشيون هجن. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته پهرين انهن سڀني مستحق ۽ غمزدهه ماڻهن جي پرگهور لهڻ ئي اصل عيد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.