سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي: شرجيل ميمڻ جو وفاق کان مطالبو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري شرجيل ميمڻ وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، وفاقي حڪومت ان معاملي تي نوٽيس وٺي.

هن چيو ته ملڪي معيشت اڳ ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڻي جي کوٽ سان معيشت وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار ٿي ويندي، پاڻي جي کوٽ سان زرعي پيداوار ۽ ميون جا باغ متاثر ٿي رهيا آهن.

شرجيل ميمڻ مطالبو ڪيو ته سنڌ کي 1991 جي معاهدي تحت پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

هن وفاق کي اپيل ڪئي ته پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ صوبن ۾ فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.