اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل موٽر وي تي ڪار حادثي ۾ زخمي ٿي پيو.
حادثو ايم ٽو خانقاهه ڊوگران جي حدن ۾ پيش آيو، حادثي کانپوءِ فوري طور موٽر وي پوليس جون اختياريون پهچي ويون.
رپورٽن موجب شهباز گل پنهنجي گاڏي ۾ لاهور کان اسلام آباد وڃي رهيو هو ته ان جي گاڏي سان خانقاهه ڊوگران ڀرسان حادثو پيش آيو.
گاڏي ۾ شهباز گل سميت 4 ڄڻا سوار هئي ۽ چارئي معمولي زخمي ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.