گهر وٺي هَل: شهناز گل سلمان خان کي چنبڙي پئي، وڊيو ڏسو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار سلمان خان عرف سلو ڀائي جي اداڪارا شهناز گل سان جوڙي کي خوبصورت قرار ڏنو ويو آهي.

گذريل رات سلمان خان جي ڀيڻ ارپيتا خان شرما وٽ شوبز اندسٽري لاءِ عيد جي خوشي ۾ پارٽي ڏني وئي.

ان دوران سڀ کان وڌيڪ سلمان خان ۽ شهناز گل ميڊيا جو ڌيان حاصل ڪيو.

جلد ئي فلم ”ڪڀي عيد ڪڀي ديوالي“ ۾ سلمان خان پنهنجي نئين اداڪارا سان نظر ايندو ۽ اها اداڪارا شهناز گل پاڪستان ۾ به ڇانيل آهي.

سلمان خان ۽ پنجاب جي ڪترينا ڪيف چئي ويندڙ شهناز گل جو نالو هن وقت پاڪستاني ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهي.

سوشل ميڊيا تي هن جوڙي کي مداحن طرفان پسند ڪيو پيو وڃي ۽ شهناز گل به سلمان خان سان دلچسپ حرڪتون ڪري رهي آهي، جن جي واکاڻ ٿي رهي آهي.

وائرل وڊيو ۾ سلمان خان شهناز گل کي چئي رهيو آهي ته وڃ پنجاب جي ڪترينا ڪيف، جنهن تي شهناز گل سندس هٿ پڪڙي چئي ٿي ته مون کي گهر ڇڏي اچ.

شهناز گل وڊيو ۾ چوي ٿي ته سلمان خان مون کي گهر ڇڏڻ پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.