لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي جناح اسپتال جي ٻي ماڙ تي آءِ سي يو ۾ باهه لڳي وئي، جڏهن ته ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي يو مان سمورن مريضن کي ڪڍيو ويو ۽ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.
ريسڪيو ٽيمن ڪارروائي ڪري اسپتال ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻي ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي يو جي ريڪوري روم ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي هئي.