جگر جي واڌو چرٻي ڳاڙڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

 

هيلسنڪي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي اڪثر ماڻهن جي جگر ۾ غير معمولي چرٻي ٿئي ٿي، جيڪا مرضن جو سبب بڻجندي آهي ۽ ماهر صلاح ڏين ٿا ته اها چرٻي گهٽائڻ لاءِ اوهان کي ورزش ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ماهرن چيو آهي ته جيڪڏهن اين اي ايف ايل ڊي مان ڇوٽڪارو چاهيو ٿا ته ورزش ان جو بهترين طريقو آهي.

ماهرن موجب هڪ تحقيق دوران اهڙن 46 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جن کي چرٻي ڳارڻي هئي ۽ پوءِ کين هفتي ۾ ٻه ڀيرا (هاءِ انينسٽي انٽرويل ٽريننگ) ورزش ڪرائي وئي ۽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڪا به ورزش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.

اهو سلسلو ٽن مهينن تائين جاري رهيو ۽ جن گهٽ ورزش ۾ حصو ورتو هو نه ئي انهن جي وزن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ نه ئي جگر جو سڻڀ گهٽيو.

پر جن ماڻهن باقاعده ورزش ڪئي هئي، انهن جي ٽيسٽ جو معائنو ڪيو ويو ته اهڙن سڀني ماڻهن ۾ جگر جو سڻڀ گهٽجي ويو هو، انهن جو ميٽابولزم به بهتر ٿي رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.