شيخ رشيد جي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي خواهش ڪڏهن پوري نه ٿيندي: راڻا ثناءُ الله

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شيخ رشيد جهڙا ماڻهو معاشري ۾ فتنو ۽ گهرو ويڙهه جون حالتون پيدا ڪري رهيا آهن، شيخ رشيد جي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي خواهش پوري نه ٿيندي.

شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سستي شهرت لاءِ بي معنيٰ گفتگو سان عوام گمراهه نه ٿيندو، شيخ رشيد کي گرفتاري جو خوف ناهي ته گرفتاري کان اڳ ضمانت ڇو ڪرائي رهيو آهي؟

هن چيو ته مسجد نبوي صه واقعي جو ماسٽر مائنڊ شيخ رشيد آهي، هن جدي جي سپينسر هوٽل ۾ پي ٽي آءِ عهديدارن سان گڏجي سازش تيار ڪئي، انا ۽ هوس ۾ ته توهان پنهنجي ڀائٽي کي به نه بخشيو، توهان جو ڀائٽيو توهان جي سازش سبب عيد ۾ جيل ڪاٽي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن آئيني ۽ قانوني طريقي سان عمران خان کي هٽايو، عمران نيازي وٽ اختيار هو، اسيمبليون ٽوڙي چونڊون ڪرائي ها، اڄ حڪومت ۽ رياستي ادارن کي چونڊن لاءِ منٿون ڇو پيا ڪيو؟ چونڊن لاءِ مناسب وقت ڪهڙو آهي، اهو فيصلو هاڻ اسان کي ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.