پاڪستان صحافين جي تحفظ ۾ ويتر پوئتي، 157هين نمبر تي اچي ويو

 

پئرس (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

صحافين جي عالمي تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊر جي رپورٽ موجب هلندڙ سال صحافين يج تحفظ جي حوالي سان ملڪن ۾ فهرست ۾ پاڪستان 12 درجا پوئتي ٿيڻ کانپوءِ 157هين نمبر تي اچي ويو آهي، گذريل سال پاڪستان جو 145هون نمبر هو.

واضح رهي ته گڏيل قومن طرفان 3 مئي تي هر سال صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد صحافت جي بنيادي اصولن جي موجوده صورتحال تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ ۽ دنيا ۾ صحافت جي موجوده صورتحال جي شڪل کي پيش ڪرڻ آهي.

گڏوگڏ ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد صحافتي فرضن دوران قتل، زخمي يا متاثر ٿيندڙ صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.