پني عاقل ۾ ڪکاون گهرن کي باهه، سامان سڙي خاڪ

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ ) پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي سڌوجا ۾ باگڙي برادري جي ڪکاون گهرن کي چلھه جي چڻنگ باھ لڳي وئي آھي،باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ گهرن اندر پيل هنڌ بسترا،کاڌي پيتي جو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي،اهڙي واقعي بعد متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آھن،واقعي بابت متاثرن ٻڌايو ته تيز هوا سبب چلھه مان چڻنگ اٿي،جنهن مان گهرن کي باھ لڳي ۽ باھ سبب ٽي گهر سڙي رک ٿي ويا آھن،گهرن ۾ پيل سڀ سامان به سڙي ويو آھي جنهن سبب کليل آسمان ۾ ويٺل آھيون،متاثرن وس وارن کان مدد جي اپيل پڻ ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.