گهوٽڪي لڳ مبينا حملو، 2 عورتون رتورت، اسپتال منتقل

گهوٽڪي ( ڊ ر) گهوٽڪي لڳ سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ لکڻ ۾ زمين تان گاهه ڪرڻ جي ڳالهه تان بااثرن جي مبينه حملي ۾ 2 عورتون مائي نجمه بوهڙ،۽ مائي حُرمت بوهڙ رتورت ٿي پيون جن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي عورتن صحافين کي ٻڌايو ته بااثرن لياقت، سجاد، محمدحسن، صوبو، شاهنوازموچي ۽ ٻين ناحق حملو ڪري زخمي ڪيو آھي، هوڏانهن عورتن تي تشدد وارو واقعو ميڊيا ۾ اچڻ بعد ڌرين ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، بااثرن پاران مبينه طور متاثرن جي گهرن جي بجلي پڻ ڪٽي وئي، هوڏانهن واقعي جو ڪو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.