لوڊشيڊنگ سبب عوام سخت پريشان آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) اياز لطيف پليجي چيو ته لوڊشيڊنگ عوام لاء عذاب بنجي ويو آھي۔ بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپنين ۾ بجلي چورن ۽ ڪرپٽ ماڻھن جو راڄ آھي۔ جيڪو عام صارفين کي لکين روپين جا بل موڪلين ٿا ۽ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي. پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سنڌي قوم جي معاشي تباھي سان گڏ سمنڊ سنڌ جي زمين لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. پنجاب 150 سالن کان سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، چشما جھلم، تونسا پنجند ۽ ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، جنھن ذريعي سنڌ جو پاڻي 12 مھينا چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول، بدين جي روزانو 30ايڪڙ کان مٿي زمين ڳڙڪائي رھيو آھي ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري درياھ جي ٻنھي پاسن تي ويٺل لکين آبادي برباد ٿي وئي آھي، خوشحال ماڻھو بدحال ٿي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ڏئي سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. سڄي سنڌ ۾ لکين آباد زمينون بنجر ٿي ويون آھن. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جيڪو پاڻي موجود آھي، ان تي پنجاب جو قبضو آھي، عالمي قانون تحت پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي پر افسوس جو سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪمران پنھنجي زمينن لاءِ زبردستي کڻي وڃن ٿا. جنھن ڪري ننڍا آبادگار، پڇڙي جا آبادگار پاڻي لاءِ پريشان آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.