ٺٽي لڳ چوڪيدار جو گوليون لڳل لاش ھٿ

ٺٽو(ڊر) ٺٽي کان 10 ڪلو ميٽر اتر طرف قائم جابلو ڪوھستاني ٽڪري ڪري ڪريشن پلانٽ بند ٿيل ھو، جتي مقرر ٿيل مذڪوره چوڪيدار جو گوليون لڳل لاش ھٿ آيو آھي، جڏھن ته چوڪيدار جو رپيٽر به لاش ڀرسان پيل آھي، پراسرا نموني قتل ٿي ويل چوڪيدار جو موت ڳجھارت بڻجي ويو آھي تہ چوڪيدار خوڪشي ڪئي آھي يا کيس قتل ڪيو ويو آھي، مڪلي پوليس موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد سندس موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو، قتل ٿي ويل چوڪيدار KPK جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي، جنھن جي وارثن کيمڪلي پوليس پاران اطلاع ڪيو ويو اھي، پوليس موجب مقتول جا وارث اچي ڪيس داخل ڪرائڻ سميت مقتول جو لاش کڻائي ويندا. مڪلي پوليس موجب سڀني پاسن کان ٿيل قتل جي جانچ شروع ڪئي ويئي اھي، آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس وغيره داخل ٿي نه سگھيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.