عيد ڏهاڙي تي غريب طبقي جو خيال رکڻ گهرجي: اسپيڪر

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي پوري مسلمان امت ۽ قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي عيد پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هو هن خوشي جي موقعي تي پنهنجي هم وطن بزرگن، ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻارن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان کي عيد جي هن موقعي تي خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جنهن اسان کي رمضان جي مهيني ۾ روزا رکڻ، عبادت ڪرڻ ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته عيد جو ڏينهن اسان سڀني جي لاءِ خوشيون کڻي آيو آهي، جڏهن ته ان جي حقيقي خوشي ان وقت حاصل ٿيندي آهي جڏهن اسان پنهنجي غريبن ۽ وچولي طبقي جو خيال رکون ۽ انهن کي پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪريون. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني چيو ته عيدالفطر جو ڏينهن جتي اسان جي لاءِ خوشيون کڻي اچي ٿو، اتي اسان کي اهو احساس به ڏياري ٿو ته اسان ان خوشي جي موقعي تي پنهنجي غريب ۽ لاچار ڀائرن کي ياد رکون. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن الله تعاليٰ جي آڏو شڪر ادا ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنهن اسان کي رمضان جي مهيني ۾ روزا رکڻ جي توفيق ڏني.

  • سينيٽ چيئرمين پاران پاڪستانين کي عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي عالم اسلام جي مسلمانن ۽ خاص طور تي پاڪستانين کي عيدالفطر جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته رمضان مهيني جون عبادتون قوم ۾ تقويٰ، نظم ۽ ضبط ۽ صبر ۽ برداشت جي خوبين کي فروغ ڏين ٿيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته سمورا اهل اسلام انهي جوش ۽ جذبي جو عملي مظاهرو ڪندي پنهنجي دنياوي ۽ آخرت جي زندگي کي ڪامياب بڻائين. هن چيو ته رمضان مهينو مسلمانن جي لاءِ الله تعاليٰ طرفان هڪ عظيم تحفو آهي جنهن جي برڪتن مان فائدو کڻي آخرت جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، الله تعاليٰ سمورن مسلمانن جون عبادتون ۽ دعائون قبول فرمائي ٿو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ قوم کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي الله تعاليٰ کان دعا ڪئي آهي ته سمورن مسلمانن جون رمضان مهيني ۾ عبادتن کي قبول فرمائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.