وڏو فتنو

انور ساجدي

مئي ۽ جون جا مهينا ڏاڍا خطرناڪ آهن، جنهن دوران هڪ وڏو فتنو جنم وٺندو آهي جيڪو تمام وڏو آهي، شايد پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهڙو وڏو فتنو اڳ ڪڏهن به پيدا نه ٿيو هجي،

شهباز شريف جي حڪومت کي آئي  جمعو جمعو  اٺ ڏينهن ٿي ويا آهن،اها  سخت ڳنڀير سياسي ۽ انتظامي مسئلن ۾ ڦاسي چڪي آهي، سندس سامهون هڪ سخت ضدي ۽ انا پسند انسان  آهي، جنهن کي ڪا پرواهه نه  آهي ته بجيٽ ڪيئن پيش ٿيندي ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان ڪيئن بچائبو، هو  هر قيمت تي اقتدار قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.، اندازو لڳايو ته جنهن شخص کي مڪي ۽ مديني جي حرمت جي پرواهه  ناهي، ڪينسر ۾ ورتل  مريضن جي پرواهه ناهي، اهو ڇا نٿو ڪري سگهي.، ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي غلط مثال ڏنو ۽ چيو ته جهڙي طرح رسول الله ﷺ  پنهنجن ڪارڪنن کي تبليغ جي لاءِ موڪليندو هو ، مان به  توهان کي  حڪم ڏيان ٿو ته توهان ماڻهن ۾ وڃي موجوده حڪمرانن جي خلاف تبليغ ڪريو.هن ڪارڪنن کي تجويز ڪيل لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي لاءِ عوام کي قائل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.هن اعلان ڪيو  ته پاڪستان جو عوام مئي جي آخر ۾ اسلام آباد طرف مارچ ڪري،امڪان اهي ته اهو  مارچ 24 مئي کانپوءِ شروع ٿيندو ۽ ان لاءِ تياريون جاري آهن، عمران خان 20 لک ماڻهن آڻڻ جي  دعويٰ ڪئي آهي. پر جيڪڏهن گهٽ هوندا ته اهي ٽن لکن تائين هوندا.جن کي پي ٽي آءِ وارا ڏهه يا ويهه قرار ڏئي وٺندا. جي موٽ چڱي ملي ته اعلان موجب  اڻ ڄاڻايل مدي تائين  اسلام آباد جو گهيرو ڪري ان کي بندي ڪري ڇڏيندو.ڪندا ۽ سندس چوڻ آهي ته  ن ليگ ۽ پيپلز وارا چور پارٽيون آهن انهن کي آڻڻ مملڪت جي توهين آهي. ۽  عوام موجوده حڪومت ختم ڪرڻ تائين چين سان نه ويهندو. هن پيو ڪري ته تڪڙيون چونڊون ڪرايون وڃن، اهو مطالبو جائز آهي پر اڳتي هو  چوي ٿو ته نتيجا به سندس مرضي موجب نٿا نڪرن  ته هو اهي قبول نه ڪندويعني گهڻي وقت تائين هن فتني مان نجات حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.

جيتريقدر عمران خان جي ايجيٽيشن جو تعلق آهي ته کيس ڪارڪنن ۽ عوام جي وسيع حمايت حاصل آهي، ڪو مڃي يا نه،  پر سندس ڏينهن تبليغ ۽ وقت کا اڳ اقتدار کا الڳ ٿيڻ عوام تي خاصو اثر وڌو آهي.شايد اهو پهريون موقعو آهي جو هن جا ڪارڪن آرمي چيف کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ سمجهن ٿا ته باجوه صاحب پنهنجو اصول تبديل ڪري اسان جي ڪپتان کي ناحق هٽائي ڇڏيو..

سوشل ميڊيا تي تحريڪ انصاف جي پيادل دستي کان وٺي، شاهسوارن  کان  آسمانن زمين مٿي تي کڻي ڇڏي هنن جو موضوع ۽ اعتراض نقطو هڪڙو ئي هو،پاڪستان ۾ ته ڪجهه ادب ڪيو پيو وڃي پر ملڪ کان ٻاهر اوور سيز  اهل يوٿ جذبات سان ڀريل آهن.سرعام اقتداري حلقن خلاف نعرا لڳائي رهيا آهن.

لڳي ٿو ته اسلام آباد مارچ ۽ ڌرڻي دوران نوجوان کليل نموني هر قسم جا نعرا هڻندا، هڪ طرف عمران خان جون تياريون عروج تي آهن، جنهن ۾ لانگ مارچ ڌرڻا ۽ گهيرائو شامل آهن ته ٻئي پاسي اهو معلوم ناهي ته ان کي ڪير منهن ڏيندو،حڪومت يا اصل ڌڻي.

اها ڳالهه طئه آهي ته عمران خان جي مارچ ڌرڻي کان اڳ يا پوءِ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيندو.

جيڪڏهن عمران خان ڳالهين تي آمادگي ظاهر ڪئي ته هن جو هڪڙو نقطو فوري چونڊون هونديون.جيڪڏهن اهي ڳالهيون ناڪام ٿي ويون ته پورو ملڪ جام ٿي ويندو.۽پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ هڪ بنانا ريپبلڪ جو منظر پيش ڪندو.

ٻئي طرف ڪجهه قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عمران خان جي ذات جي حوالي سان اڌ درجن کان وڌيڪ وڊيوز جاري ڪرڻ جو پروگرام آهي جنهن ۾ هو سٺي پوزيشن ۾ نظر نه ايندو، هن پنهنجي ڪارڪنن کي اڳ ۾ ئي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته سندس ڪردار  ڪشي ڪئي ويندي.

تنهنڪري يوٿيا ذهني طور تي تيار آهن ته اهي انهن وڊيوز کي مشڪوڪ قرار ڏئي انهن کي مڃڻ کان انڪار ڪندا، بلڪه ان جي جوابي قدم جون به تيارين جاري آهن،جنهن ۾ فوٽو شاپ ڪري  ڪيترين ئي حڪومتي شخصيتن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ان دوران عمران خان جا ڪيترائي مالياتي اسڪيندل پڌرا ڪيا ويندا، تي جئين مسٽر ڪيلن صادق ۽ هٿ ٺوڪئي ڪرڪيٽر گدلو ٿي وڃي.پر خانصاحب پاڻ ۽ هن  جي انڌي پوئلڳي ڪندڙ اهڙن اسڪينڊلز کي هڪ پاسي ڪري ڇڏيندا ۽ مخالفن خلاف چور چور جا نعرا بلند ڪندا،جيئن هنن سعودي عرب ۾ ڪيو هو، ان جو مطلب هي آهي ته ڪارڪن پنهنجي ليڊر خلاف  ڪنهن به مهم يا پروپئگينڊا تي ڌيان نه ڏيندا، ڪرڪيٽ جي دور ۾ جڏهن هو ولايت ۽ آسٽريليا ۾ هڪ پلي بوائي طور مشهور هو ان دور جون گهڻيون ئي تصويرون جيڪي اڌ گهاڙپ وارين آهن، تحريڪي ڪارڪن انهن کي به ڪوڙ سمجهن ٿا.پوءِ سوال اهو آهي ته آخر حڪومت وٽ اهڙو ڪهڙو ڪامياب نسخو هوندو، جيڪو عمران خان جو مقابلو ڪندو،هن جماعت جي عبدالله ديواني تي اڳ ئي اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته گهرو ويڙهه ٿيندي، رتوڇاڻ ٿيندو،  چاهي ان جو ڪهڙو به نتيجو نڪري، اسان ان جي لاءِ تيار آهيون،  اهڙي جنوني ڪلٽ کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت کي اثرائتي حڪمت عملي ۽ انتظامي تدبر کان ڪم وٺڻو پوندو.جن ماڻهن  گهرو ويڙهه ۽ خونريزي جي ڌمڪي ڏني آهي،تن کي گرفتار ڪرڻو پوندو.ان جو ردعمل خوفناڪ ۽ خراب به ٿي سگهي ٿو.پر جي حڪومت کي هلڻ نه ڏنو وڃي ته پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو.حڪومت به اشارو ڏنو آهي ته صدر، وزير اعظم ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف آئين جي ڀڃڪڙي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا پر اهو به هڪ خطرناڪ عمل آهي جيڪو ابتو به ڳچي ۾ پئجي سگهي ٿو.

ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته حڪومت هڪ وڏو قدم کڻندي  عمران خان ۽ ان جي ڪيبينيٽ جي ڪجهه وزيرن کي گرفتار ڪري وٺڻ گهرجي.

اهو هڪڙي طرح سان فيصلائتو قدم هوندو. آر يا پار جي صورت ۾ ان جا فوري نتيجا نڪرندا، جيڪڏهن حڪومت ۽  اتحادين ڪو وڏو قدم نه کنيو ته  پوءِ هن حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو.۽ اسيمبليون ٽوڙي نگران حڪومت مقرر ڪرڻي پوندي.ته جيئن  90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائي اقتدار عمران خان حوالي ڪيو وڃي. ان کانسواءِ  ٻيو ڪهڙو آپشن هوندو؟

پاڪستان جون باقي سياسي پارٽيون ايتريون به بيوقوف نه آهن جو پي ٽي آءِ جي ايجیٽيشن جو جواب ايجيٽيشن سان ڏين، ان سان ته ملڪ ۾ هڪ خطرناڪ گهرو ويڙهه ٿيندي جنهن جا ملڪ جي وحدت تي ناقابل بيان اثر پوندا،جيتوڻيڪ شهبازشريف جي حڪومت ايتري مضبوط نه آهي،جو  هو خان صاحب جي ايڏي وڏي  فتني جو مقابلو ڪري سگهي. پر جيڪڏهن راولپنڊي پنهنجي تيار ڪيل جن  جو بروقت ۽ موثر انتظام ڪري ورتو آهي ته ان جو اڀام ويهي رهندو،۽ اهو ٻيهر اصل حالت ۾ اچي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ديواني کي بي لغام ته نٿو ڇڏي سگهجي. ته هو پنهنجي اقتدار  جي خاطر سڄي رياست کي تباهه ڪري سگهي ٿو. بي شڪ هن وقت ڪپتان هن وقت پنهنجي جنوني حلقي جو محبوب اڳواڻ آهي ۽ سندس حامي کيس قطب ولي يا اوتار سمجهن ٿا ۽ هو سمجهن ٿا ته سندن اڳواڻ جي حمايت ئي سندن ايمان آهي،

چاهي هو صحيح فيصلو ڪري يا غلط ڪري. اهو خطرناڪ رجحان آهي،ڪيترن کي اهو خدشو آهي ته ڪٿي اهو  ڪلٽ گهڻو اڳيان نه نڪري وڃي جنهن سان رياست کي تالفي نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچي سگهي ٿو.هن وقت لڳي رهيو آهي ته مان نه آهيان ته ڪجهه به ناهي پر شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت اسان جي نه رهي ته اهڙيون حالتون پيدا ڪنداسين جو  توهان  محروم ٿي ويندا.

اهڙن بيانن کانپوءِ لڳي ٿو ته مچ جيل، شيخ رشيد کي سڏي رهيو آهي، جيتوڻيڪ هن پنهنجي سيني تي هٿ رکي چيو آهي ته هو مرڻ لاءِ تيار آهي، پر بينظيردور ۾  ڪلاشنڪوف رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيو هو ته . بهاولپور جيل جي ٻاهران سندس روئڻ جو آواز راڄن ٻڌو هو.هن ڀيري ته جلد ئي هو سلطاني شاهد بڻجي ويندو،اهڙيو ئي حال دبو چوڌري جو به ٿيندو،جنهن اڳ ڪڏهن به جيل نه ڏٺو آهي،گهڻين ئي پارٽين جي زينت بڻجندڙ هي اڳواڻ جي جيل ويو ته شيخ رشيد کان به اڳ سلطاني شاهد بڻجي ويندو.ساڳيو حال مراد سعيد ۽ ٻين وزيرن جو ٿيندو.ڇا خيال آهي ملتاني پير جيل جي زندگي گذاريندو.

بهرحال جيڪو به ٿيندو تمام جلد رياست ۽ حڪومت کي هڪ غير معمولي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، هن ويڙهه ۾  ڪنهن  هڪ ڌر کي شڪست ايندي، جيڪو جنگ جو فطري اصول آهي،اهو وقت ئي  ٻڌائيندو ته فاتح ڪير ٿيندو.

ان ڪري نوجوان ذهني طور تي انهن وڊيوز کي شڪي قرار ڏئي انڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر هو انتقامي ڪارروائي جي به تياري ڪري رهيا آهن ۽ فوٽوشاپ ذريعي ڪيترن ئي حڪومتي شخصيتن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، ان دوران خان صاحب جا ڪيترائي مالي اسڪينڊل سامهون اچي ويندا ته جيئن سندس ڪلين صادق ۽ نام نهاد ڪردار جي ڌرتي ته آلوده ٿي ويندا پر خان صاحب پاڻ ۽ سندس ڪارڪن جيڪي ان جي انڌي تقليد ڪري رهيا آهن انهن اسڪينڊلن تي ڌيان نه ڏيندا، اهي ان اسڪينڊل تي ڌيان نه ڏيندا ۽ مخالفن جي خلاف چور چور جو نعرو هڻندا جيئن هنن ڪيو. روضو رسول  ۾ ڄڻ ته سندن اڳواڻ خلاف ڪا مهم يا پروپيگنڊا آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.