اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين مذهب ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتارين کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) توهين مذهب جي ڪيس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. فواد چوڌري جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته گهرو سيڪريٽري يقيني بنائي ته فواد چوڌري کي هراسان نه ڪيو وڃي. ايندڙ ٻڌڻي تائين ان جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وڃي. عدالتي حڪمن جي ڪاپي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ڏانهن به اماڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا فواد چوڌري اڃان تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي؟ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اجازت کان سواءِ گرفتاري نٿي ٿي سگهي، وڪيل فيصل چوڌري چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته شيخ رشيد سميت سندس ساٿين جو گهرن مان نڪرڻ مشڪل ڪري سگهان ٿو. فيصل چوڌري گهرو وزير جي نيوز ڪانفرنس ۽ مريم نواز جا بيان پڙهي ٻڌائيندي چيو ته مريم نواز چيو ته عمران خان هڪ فتنو آهي جنهن کي چيڀاٽڻ گهرجي. ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري چيو ته 7 رڪني بينچ جو فيصلو آهي ته هڪ واقعي جي هڪ کان وڌيڪ ايف آءِ آر داخل نٿي ٿي سگهي. واقعو مديني ۾ ٿيو جڏهن ته ڪيس هتي داخل ڪيا ويا آهن. اسان چاهيون ٿا ته سمورن ڪيسن جي لسٽ عدالت جي سامهون رکي وڃي. اسلام آباد جي 2 ٿاڻن ۾ به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، چيف جسٽس چيو ته اسان عدالت جي اختيار تائين پوليس کي هدايتون جاري ڪندا آهيون. هتي پي ٽي ايم ۽ بلوچ شاگردن مٿان به ڪيس داخل ٿيندا رهندا آهن. جيستائين ڪوبه اسيمبلي ميمبر ڊي نوٽيفائي نه ٿئي اسپيڪر جي اجازت کان سواءِ کيس گرفتار نٿو ڪري سگهجي. وڪيل چيو ته سموري ملڪ ۾ ڪيس داخل ڪري تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هراسان ڪيو پيو وڃي. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي فواد چوڌري خلاف 9 مئي تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل پنهنجي وڪيل فيصل چوڌري ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته منهنجي خلاف ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. پنهنجي خلاف داخل ڪيس واري جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. ان ڪري حفاظتي ضمانت منظور ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي، چيف جسٽس اسلام اباد هاءِ ڪورٽ شهباز گل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ان جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته شهباز گل ڪٿي آهي؟ ان تي فيصل چوڌري ٻڌايو ته هو 28 اپريل تي آمريڪا ويو ۽ 4 مئي تي ان جي واپسي آهي. فيصل چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته شهباز گل جي خلاف فيصل آباد، اٽڪ ۽ جهلم سميت ٻين شهرن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. کيس سياسي طور تي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي، درخواستگذار عدالت جي سامهون پيش ٿيڻ چاهي ٿو ان جي واپسي جي ٽڪيٽ درخواست سان گڏ لڳائي آهي. هو 4 مئي تي واپس ايندو. جنهن کان پوءِ عدالت فيصل چوڌري جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي شهباز گل جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، ياد رهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سميت ٻين اڳواڻن خلاف مسجد نبوي صه ۾ پيش ايندڙ واقعي تي توهين مذهب جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف سموري ملڪ ۾ داخل ڪيسن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي جنهن ۾ گهرو وزير، سيڪريٽري داخله، ڊي جي ايف آءِ اي، پنجاب، سنڌ، بلوچستان جي آءِ جيز پوليس کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مون کي ۽ ڪيسن ۾ نامزد ساٿين کي غيرقانوني طور تي هراسان ڪرڻ کان روڪڻ ۽ سموري ملڪ ۾ داخل ڪيسن کي رڪارڊ تي آڻڻ جي هدايت ڪئي وڃي. پٽيشنرز ۽ ان جي ساٿين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي. ڪهڙي بنياد تي ڪيس داخل ڪيا ويا ان جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي. ايف آءِ اي يا پوليس جو ڪوبه ايڪشن غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.