ملڪ ۾ پاڻي جو سنگين بحران، سنڌ جي حصي ۾ اڌواڌ ڪٽوتي، ارسا خلاف احتجاج

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تيز ي سان پاڻي جي سخت کوٽ ڏانهن وڌڻ لڳو آهي ڇو ته اترين علائقن ۾ برف پگهرڻ جي رفتار سست پوڻ سبب دريائن ۾ پاڻي جي آمد گهٽ ٿي وئي آهي، ارسا جي ڊائريڪٽر آپريشنز خالد ادريس راڻا نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته تربيلا ڊيم ۽ چشما بئراج ڪيترن ئي هفتن کان ڊيڊليول تي آهن، هن چيو ته خريف لاءِ پاڻي جي کوٽ ڪاٿي کان به 22 سيڪڙو مٿي هلي وئي آهي، پاڻي جي کوٽ جو ڪاٿو 29سيڪڙو هو جيڪو 51 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب ڪپهه، ڪمند ۽ ٻين فصلن سميت باغ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، هن جو چوڻ آهي ته پاڻي کوٽ جو بنيادي سبب گذريل ٽن سالن کان موسمياتي تبديلي آهي، اسڪردو جو گرمي پد گهٽ رهڻ سبب برف نه پگهرڻ سبب دريائن ۾ گهٽ پاڻي آيو آهي، اها صورتحال رهي ته ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، پر هاڻي ڪجهه گرمي پد وڌڻ سان پاڻي جي آمد ٿوري وڌي آهي، ڊائريڪٽر ٻڌايو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي سپلاءِ گهٽ ڪئي وئي آهي، هن وقت پنجاب ۽ سنڌ کي ضرورت کان تقريبن اڌ پاڻي ڏئي رهيا آهيون

ڪراچي(رپورٽر) آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ شديد پاڻي کوٽ جو خدشو آھي جڏهن ته ارسا اختيارين پاران سسٽم ۾ پاڻي گھٽتائي جو سبب ڄاڻائي سنڌ کي پاڻي جي مقرر ڪيل حصي کان محروم ڪيو پيو وڃي ، هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبو ھن وقت 42 سيڪڙو پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ گذريل سال اپريل 2021 ۾ سنڌ صوبي کي پاڻي معاھدي مطابق 22 سيڪڙو گھٽ پاڻي فراھم ڪيو ويو، هن چيو ته صوبي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿيندو،  هزارين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل جو تباھ ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي ، ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته پاڻي بحران سبب ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي ٻين شھرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو بحران به پيدا ٿيندوـ.ھن  چيو ته ارسا اختيارين پاران 1991ع جي پاڻي ٺاھ تي عملدرآمد نه ڪرڻ سبب شديد پاڻي کوٽ پيدا ٿي رھي آهي ۽ پاڻي ٺاھ تحت سنڌ صوبي کي فوري پاڻي فراھم ڪيو وڃي ته جيئن پاڻي جي کوٽ تي ضابطو ڪري سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.