ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي پنهنجي زال اداڪارا انوشڪا شرما کي دنيا ۾ موڪلڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪيو آهي.
انوشڪا شرما تازو پنهنجي 34هين سالگرهه ملهائي.
ان موقعي تي مڙس ويرات ڪوهلي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي زال سان تصويرون شيئر ڪيون.
ڪوهلي لکيو ته خدا جو شڪر آهي جو تون پيدا ٿينءَ، مون کي خبر ناهي ته مان تو کان سواءِ ڪيئن رهي سگهان ٿو.
Thank god you were born ❤️. I don’t know what I would do without you. You’re truly beautiful inside out ❤️. Had a great afternoon with the sweetest folks around 😃@AnushkaSharma pic.twitter.com/JxGEnBtHXW
— Virat Kohli (@imVkohli) May 1, 2022
هن تعريف ڪندي لکيو ته اوهان واقعي ظاهري ۽ باطني طور تي خوبصورت آهيو، اسان جو سڀني پيارن سان گڏ سٺو وقت گذري رهيو آهي.