ڪترينا سان شادي تي پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿو: وڪي ڪوشل

 

ممبئي (ويب ڊيصڪ) بالي ووڊ اداڪار وڪي ڪوشل پنهنجي زال ۽ اداڪارا ڪترينا بابت چيو آهي ته مان ڪترينا وٽان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ زال منهنجي زندگي ۾ وڏو اثر انداز ٿي آهي.

هڪ انٽرويو ۾ وڪي پنهنجي زال بابت چيو ته هو ڪترينا سان شادي ڪرڻ تي پاڻ کي خوش قسمت سمجهي ٿو، هوءَ هڪ ذهين ۽ همدرد عورت آهي.

اداڪار چيو ته ڪترينا منهنجي زندگي جي هر رخ تي اثرانداز ٿئي ٿي، مان خوش قسمت آهيان جو ڪترينا جي صورت ۾ هڪ جيون ساٿياڻي ملي، ڇو ته هو هڪ انتهائي سمجدار انسان آهي، مان کانئس هر ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه سکي رهيو آهيان.

ياد رهي ته اهو پهريون موقعي آهي، جڏهن وڪي ڪوشل پنهنجي زال ڪترنا ڪيف بابت ڳالهايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.